پاڪستانسنڌ

سنڌ هائوس تي حملو وفاقي سالميت تي حملو آهي: مولابخش چانڊيو

حيدرآباد: پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته اسلام آباد ۾ سنڌ هائوس تي حملو وفاقي سالميت تي حملو آهي. سليڪٽيڊ حڪومت عوام ۾ پنهنجو اعتماد وڃائي چڪي آهي ان لاءِ عمران خان کي گهرجي ته هو بي اعتمادي رٿ کان اڳ ئي استعيفيٰ ڏئي گهر هليو وڃي. قاسم آباد ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي مولابخش چانڊيو چيو ته ضياءُ الحق، مشرف ۽ ٻين دورن ۾ به کيس مختلف شيون نظر آيون پر اهڙي نالائق سياست هن پنهنجي زندگي ۾ ناهي ڏٺي. هن چيو ته عمران خان کان ايوب خان لک دفعا سٺو هو جنهن کي غيرت اچي وئي پر عمران خان غيرت ڪرڻ بدران اپوزيشن خلاف زهر پيو اوڳاڇي. هن چيو ته عمران خان ملڪ کي انتشار ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڪوشش پيو ڪري جنهن کي هو ناڪام بڻائيندا. ادارن کي گهرجي ته هو آئين ۾ رهي پنهنجو ڪم ڪن.

هن چيو ته ايوان صدر ۾ اهڙا ماڻهو ويٺل آهن جيڪي ڪنڌ جهڪائي وزيراعظم جي چوڻ تي رڳو ها پيا ڪن. اسپيڪر کي ٻڏي مرڻ گهرجي جو بي اعتمادي رٿ کان اڳ ئي چئي ٿو ته تحريڪ ناڪام ويندي. هن چيو ته اسپيڪر جو اهو رويو قابل قبول نه آهي ڇاڪاڻ ته جنهن انداز ۾ هن اها ڳالهه ڪئي آهي اهو رويو درست نه آهي. هن چيو ته لٺ جي زور تي ڪا تحريڪ ناڪام ڪئي وڃي ته اها ناڪام ناهي هوندي پر لٺ ڀڄي پوندي آهي. سنڌ هائوس تي ٿيل حملي بابت مولابخش چانڊيو چيو ته وفاقي حڪومت وفاقي سوچ ۽ صوبي تي حملو ڪيو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي آئي پر پيپلزپارٽي اهڙي زبان استعمال نه ڪئي جهڙي وفاقي سرڪار جا وزير ۽ مشير ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ ۾ شريف ۽ روايتي سياستدان به شامل آهن پر اهي شرمساري سبب هڪ لفظ به نٿا ڳالهائي سگهن. هن عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته پاڪستان سندس پيءُ جي جاگير نه آهي جو جنهن کي چاهيندا ان کي ماري ڇڏيندا. سنڌ ۾ پيپلزپارٽي ۽ ڀٽي جا چاهيندڙ موجود آهن جيڪي اهڙي زبان ڳالهائيندڙن جي زبان بند ڪرڻ ڄاڻن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button