پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن هٿان نينگر قتل

ڪراچي: ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي نينگر مارجي ويو. 16 ورهين جي دين محمد جي قتل جو واقعو گذريل رات پيش آيو، هو شير شاهه اردو بازار ۾ موجود ڪارخاني ۾ ڪم ڪري رهيو هو ته ٻه هٿياربند اندر گهڙي آيا، ڦورن جي مطالبي تي هن پنهنجي موبائل ۽ روڪ رقم سندن حوالي ڪري ڇڏي پر جڏهن جوابدار ڪارخاني ۾ رکيل سامان کڻڻ لڳا ته هن کين روڪيو ته ائين نه ڪيو، ڪارخاني جو مالڪ مون تي شڪ ڪندو. پر ڦورن مزاحمت تي نينگر جي پيٽ ۾ گولي هڻي ڇڏي، جنهن کانپوءِ کيس زخمي حالت ۾ سول اسپتال نيو ويو، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو. واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڦورو پنڌ آيا ۽ واردات کانپوءِ پنڌ ئي فرار ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button