پاڪستانسنڌ

پاڪستان ٺهڻ کان وٺي سنڌ سان زيادتيون شروع ٿيون: سنڌ لٽريچر فيسٽيول

ڪراچي: ايس ايل ايف ۾ ٻئي ڏينهن “سنڌي ۽ اردو زبان جو رشتو” سري هيٺ هڪ اهم ويهڪ ٿي. جنهن ۾ ڳالهائيندي مشهور ليکڪه نورالهديٰ شاهه چيو ته هي هڪ ٻوليءَ جي بقا جو معاملو آهي، هن ميلي جو مقصد ماڻهن کي اهو ٻڌائڻ آهي ته سنڌي هڪ قديم ٻولي آهي. جنهن جي پنهنجي سڃاڻپ آهي، اياز پليجو سنڌ جي پيغام کي اردو پليٽ فارم تي تمام سٺي انداز ۾ پهچايو آهي. ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو چيو ته سنڌ جي عوام هر قسم جي ماڻهن جو کليل دل سان استقبال ڪيو آهي، آرٽس ڪاونسل جي صدر احمد شاهه چيو ته بقول سليمان ندوي، علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ٻين جي ته اردو جو بنياد به هتي سنڌ ۾ پيو آهي. سچل سرمست پنهنجي دور ۾ اردو شاعري به ڪئي. پاڪستان اڳ به هتي اردو ڳالهائي ويندي هئي. سنڌ جو اردو سان رشتو تمام پراڻو آهي.

ايس ايل ايف ۾ “سنڌ جون مشهور تحريڪون” سري هيٺ پڻ اهم ويهڪ ٿي. جنهن جي ميزباني ذوالفقار قادري ڪئي. بحث ۾ حصو وٺندي استاد نظاماڻي چيو ته حر تحريڪ سنڌي سماج تي وڏو اثر ڪيو. حر تحريڪ 100 سالن جي تحريڪ آهي. سورهيه بادشاهه ڪل 32 سال زنده رهيو پر سموري زندگي انگريزن سان نه لڳي. قائداعظم پاران ڪيس وڙهڻ باوجود کيس سزا ڏني وڃي، حر تحريڪ کي لکڻ منع هوندي هئي، ان تحريڪ وڏا اثر ڇڏيا آهن. پروفيسر اعجاز قريشي ون يونٽ تحريڪ تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي سنڌ سان زيادتيون شروع ٿيون، سنڌ هن وقت تائين جيڪو ڀوڳي پئي اهو ون يونٽ جو نتيجو آهي. مسعود نوراني ايڊووڪيٽ چار مارچ جي شاگرد تحريڪ تي ڳالهائيندي چيو ته پير سورهيه بادشاهه جيڪو جهنڊو ڇڏيو اهو چار مارچ تي اسان ان وقت جي شاگردن کنيو. چار مارچ ئي سنڌ جي نجات جو ذريعو بڻيو. جي ايم سيد جيڪا ديڳ پچائي، ان جو ڍڪڻ اسان لاٿو. ڊاڪٽر بخت جمال ڪالاباغ ڊيم خلاف جدوجهد تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان رڳو جمهوريت سان ئي هلي سگهي ٿو. ڪالاباغ ڊيم خلاف جدوجهد ڪندي جوان ٿياسين. پاڻي جو مسئلو 100 سال پراڻو مسئلو آهي. ڪالاباغ ڊيم سنڌ جي پاڻي تي تالو آهي، جنهن جي چاٻي اسان جي هٿ ۾ نه هوندي.

سنڌ ادبي ميلي ۾ سيف جو تعليم لاءِ 30 سالن جو سفر سري هيٺ هڪ ويهڪ ٿي، جنهن جي ميزباني ذڪيه مختيار ڪئي. موضوع تي ڳالهايندي محمد ابراهيم چيو ته گورنمينٽ ۽ پرائيويٽ ادارا گڏجي ڪم ڪن. علي مردان بروهي چيو ته سيف اداري تعليم جي واڌ کي هميشه سپورٽ ڪيو آهي. راڌا ڀيل چيو ته هاري جي نياڻي آهيان، مختلف مرحلن مان گذري آهيان. راڌا جهڙو ادارو قائم ڪرڻ منھنجو خواب ھيو. 4 اسڪول هلائيندي آهيان. آسيه سعيد چيو ته سيف ڪافي ورهين کان ڪم ڪري پئي، 2016 ۾ مان پنهنجي اسڪول کي ترقي ڏياري. مسواڙ جي بلڊنگ ۾ ٻارن کي تعليم ڏني. اڄ به سيف اسان جو ساٿ ڏئي رهي آهي. سيف جي سربراهه عبدالڪبير قاضي چيو ته سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جو 30 سال اڳ پروفيسر انيتا ٻوٽو پوکيو، سيف جو ٽارگيٽ سنڌ جو ٻار آهي. اسڪولن جي ڀرپور سپورٽ ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button