
ورڪشاپ: ورڪشاپ ويجھو چڪ نمبر 26 ۾ 17 ورهين جو نوجوان گاجي مجيداڻو پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. پاڻي جي تلا ۾ ڌنارن سان گڏ تڙ ڪندي ڍنڍ ۾ نوجوان ٻڏي فوت ٿي ويو، اطلاع تي وارثن پهچي ٽُوٻا گهرايا، جيڪي لاش جي ڳولا ڪري رهيا آهن. وارثن ٻڌايو ته جام ڳولا ڪرڻ باوجود لاش ناهي ملي سگھيو.