پاڪستانسنڌ

ڪلوئي ۾ نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي

ڪلوئي: ڪلوئي ٿاڻي جي حد ڳوٺ چڙيل ۾ 23 سالن جي نوجوان ڪلديپ ميگهواڙ رات دير سان ڪنڊي جي وڻ ۾ رسو ٻڌي مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو. ڳوٺاڻن ۽ وارثن جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ٻئي طرف وارثن ۽ پوليس موجب نوجوان ڪلديپ جو دماغي توازن درست نه هو. سڄاڻ ڌرين موجب ٿرپارڪر ۾ خودڪشيون روز جو معمول بڻيل آهن، اصل واقعن جي خبر نه پوڻ ۽ ڪيسن جي انڪوائري نه ٿيڻ سبب واقعا وڌي رهيا آهن، پر سنڌ سرڪار ۽ پوليس خاموش آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button