پاڪستانسنڌ

نارا ڪئنال ۾ پاڻي جو بحران، مٺڙائو سان لاڳاپيل شاخون ويران

نفيس نگر: نارا ڪئنال ۾ پاڻي جو بحران سنگين رخ اختيار ڪري ويو. ان حوالي سان مليل ڄاڻ مطابق سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿيڻ سبب 17 هزار ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي کڻندڙ نارا ڪئنال ۾ پاڻي جو وهڪرو هڪدم گهٽجي 4700 ڪيوسڪ تي پهچي ويو آهي. نارا ڪئنال ۾ پاڻي جو شديد بحران پيدا ٿيڻ سبب مٺڙائو ڪئنال سان لاڳاپيل مختلف شاخن سامروٽي، هوتا، شير، فضل، سلور، اڪال ۽ رڻ شاخ سميت سمورين شاخن ۾ پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آهي، جنهن ڪري ڪتيءِ جي پوکائي وارو عمل شديد متاثر بڻيل آهي، اڪثر علائقن ۾ آڳاٽو پوکيل ووئڻن جو فصل ۽ مرچن جو ٻيجارو به وقت سر پاڻي نه ملڻ سبب سڪي تباهه ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري آبادگار پريشان آهن. هوڏانهن ڊائريڪٽر نارا ڪئنال آبادگارن کي پاڻي جي کوٽ کان آگاهه ڪندي 15 اپريل تائين پوکائي نه ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. رابطو ڪرڻ تي نئون ڪوٽ سب ڊويزن ۾ مقرر ڪيل آبپاشي سرويئر مڪيش ڪمار ٻڌايو ته پاڻي جي کوٽ پيدا ٿيڻ سبب فل الحال صرف پيئڻ جو پاڻي شاخن ۾ فراهم ڪري رهيا آهيون، جئين ئي صورتحال بهتر ٿيندي ته پوکائي لاءِ به پاڻي ڏنو ويندو. ٻئي طرف ڄاڻايل شاخن جي متاثر آبادگارن کيمچند ڀيل، ممتاز جوڻيجو، سومار جوڻيجو، ڪرشن ڀيل، هوش محمد گشڪوري ۽ ٻين ڊائريڪٽر نارا ڪئنال جي جاري ڪيل ليٽر کي رد ڪندي الزام هڻندي ٻڌايو ته هڪ ته مٿان کان پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي آهي، ٻيو وري نئون ڪوٽ، ڪنري ۽ ٻين سب ڊويزنن ۾ مقرر ڪيل آبپاشي عملدار ڪتيءِ جي پوکائي شروع ٿيندي ئي ڊي اوز توڙي شاخن جي واٽرن کي وڏي رشوت عيوض رعايتون ڏئي حصي جو پاڻي منڊ ۾ وڪرو ڪن پيا، جيڪا سراسر زيادتي آهي. هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته ڪرپشن ۾ ملوث آبپاشي عملدارن خلاف قدم کڻي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button