پاڪستانسنڌ

ميرواهه گورچاڻي ۾ باهه ۾ 4 گهر رک، سلامت لاکي جي ڪڻڪ کي به باهه

ميرواہه گورچاڻي: ميرواهھ گورچاڻي لڳ ڳوٺ ميرل چانڊاڻي ۾ شارٽ سرڪٽ سبب گلزار چانڊاڻي، الله بچايو چانڊاڻي، ابراهيم چانڊاڻي ۽ يوسف چانڊاڻي جي گهرن کي باهھ لڳي وئي، جنهن سبب گهرن ۾ پيل هنڌ بسترا، ٽي وي، کٽون، اناج ۽ زيورن سميت ٻيو سامان رک ٿي ويو. ڳوٺاڻن چيو ته اسان گهرن کي باھه لڳڻ وقت ٽائون ڪميٽي جي فائر برگيڊ عملي کي اطلاع ڪيو، پر دير سان پهتا، ان ڪري گهرن ۾ پيل سامان رک ٿي ويو، هاڻ بي يارو مددگار کلي آسمان هيٺ ويٺل آهيون. هنن وسوارن کي اپيل ڪئي ته اسان جي مالي مدد ڪئي وڃي. ٻئي طرف ڳوٺ تاجو خاصخيلي ۾ ميرپورخاص جي مشهور ٽرانسپورٽر سلامت لاکو جي تيار ٿيل 13 ايڪڙ ڪڻڪ جي فصل جيڪا ڪٽائي بعد ٿريشر لڳائڻ لاءِ رکي وئي هئي کي صبح فجر جي وقت نامعلوم شرپسندن باهھ ڏئي ساڙي ڇڏيو، اطلاع تي پوليس سرزمين تي پهتي ۽ جاچ شروع ڪئي، پر ڄاڻ نه ملي ته باهه ڪنهن ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button