پاڪستانسنڌ

سامارو ۾ گلينڊر مشين مان ڪرنٽ سبب پلمبر فوت

سامارو : سامارو ۾ پلمبري جو ڪم ڪندڙ 27 سالن جو نوجوان گلينڊر مشين ٺاھيندي بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. سامارو شھر جي وارڊ نمبر 3 جو رھواسي پريس ڪلب جي نائب صدر نور محمد خاصخيلي جو سئوٽ پلمبري جو ڪم ڪندڙ 27 سالن جو نوجوان عظيم پٽ يوسف خاصخيلي بلند شاهھ پاڙي ۾ گلينڊر مشين جو ڪم ڪندي مشين مان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي بيھوش ٿي ويو، جنھن کي تعلقا اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن نوجوان عظيم خاصخيلي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جنھن بعد وارث فوتي جو لاش گھر کڻائي پھتا ته گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، نوجوان جي جنازي نماز مراد شاهه گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي، جنھن ۾ شھرين، سياسي سماجي ڌرين ۽ صحافين شرڪت ڪئي، بعد ۾ نوجوان کي اباڻي قبرستان مراد شاهھ ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button