پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ضلعي ۾ 23 مارچ جي خوشي ۾ ريليون ۽ تقريبون

ميرپورخاص: ميرپورخاص ضلعي ۾ 23 مارچ جي حوالي سان ريليون ڪڍيون ويون. ميرپورخاص ۾ 23 مارچ جي حوالي سان قومي امن ڪميٽي پاران چيئرمين الله بخش بلوچ، سينيئر وائيس چيئرمين عاقب چانڊيو، ضلعي نائب صدر فقير شير محمد مڱريو، جنرل سيڪيٽري محمد ارشاد جي اڳواڻي ۾ اسٽيشن چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته 23 مارچ نظريه پاڪستان سان وابستگي جي تجديد جو ڏينهن آهي، نظريه پاڪستان اسان جي عظيم بزرگن جو ورثو آهي. نئون ڪوٽ ۾ شيڊول ڪاسٽ فيڊريشن آف پاڪستان طرفان يوم پاڪستان جي سلسلي ۾ شاندار تقريب تاريخي قلعي لڳ روپلو ڪولھي ڪالوني جي آشرم ۾ ڪوٺائي وئي، جنهن کي انجنيئر ڪانجي مل ميگھواڙ، رڻشالداس ڪولھي، ايڊووڪيٽ پوپٽ ڪولھي، روپو ڪولھي، ڀاڳيشري ماوجي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ملڪ کي انگريز سامراج کان آزاد ڪرائڻ ۾ شيڊول ڪاسٽ جو وڏو ڪردار آهي، امر روپلو ڪولھي به انگريز سامراج سان وڙھيو. ڊگهڙي ۾ اي سي آفيس کان اسسٽنٽ ڪمشنر آصف خاصخيلي، مختيارڪار نبي بخش سولنگي، ٽي اي او درمحمد شالماڻي، ٽائون آفيسر شبير خان قائمخاني، پرنسپال گورنمينٽ بوائز ها اسڪول مير احمد خان ٽالپر ۽ ڊاڪٽر الياس جٽ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. هوڏانهن دائودپوٽا برادري اتحاد پاران صوفي آباد اسٽاپ تي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن کي مزمل دائودپوٽو، رضوان دائودپوٽو، زاھد حسين دائودپوٽو عيیسى دائود پوٽو، موسى دائود پوٽو ۽ ٻين خطاب ڪيو. الاظھر پبلڪ اسڪول ۾ ڪوٺايل تقريب ۾شاگردن ماهم امتياز، نور اسلم، طيبه مجاهد، فروه، ايمان زاهد، هاديه خالد ۽ ٻين ٽيبلوز پيش ڪري تقريرون ڪيون ۽ ملڪ کي ڀيٽا پيش ڪئي. جٽ فيڊريشن سنڌ تعلقي ڊگهڙي طرفان سرپرست اعلى عبدالرشيد جٽ، صدر اظهر علي جٽ، آصف رنڌاوا ۽ ٻين نوجوانن موٽرسائيڪلن تي ريلي ڪڍي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button