مٺي: مٺي لاڪپ ۾ نوجوان قتل، ايس ايڇ او ۽ سمترا منجياڻي تي ڪيس داخل. تفصيل موجب مٺي جي 27 سالن جي نوجوان ڀاڳچند عرف ڀاڳيو ميگهواڙ کي مٺي پوليس شھري آچار ميگهواڙ جي چوري الزام ۾ گرفتار ڪيو هو، جنهن کي پوليس وحشياڻي تشدد بعد قتل ڪري ڇڏيو، اهڙي اطلاع تي وڏي انگ ۾ وارث عورتن ۽ مردن ٿاڻي جي مک دروازي تي ڌرڻو هنيو، ڌرڻي دوران پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي مقتول نوجوان جي چاچي جئرام ميگهواڙ ۽ ٻين ٻڌايو ته نوجوان ڀاڳچند کي پوليس پ پ پ ليڊيز ونگ ٿرپارڪر جي صدر سمترا منجياڻي، آچار ميگهواڙ، موهن ميگهواڙ ۽ ٻين جي چرچ تي گرفتار ڪري تشدد ڪري قتل ڪيو آھي، نوجوان کي 5 ڏينهن تائين انسانيت سوز تشدد جو نشانو بڻائي اذيتون ڏنيون ويون ۽ اسان سان ملڻ به نه ڏنو ويو، جڏهن ته پوليس ڪالهه چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي، قتل ۾ ايس ايڇ او مٺي محمد سومار منڱريو، پوليس اهلڪار ۽ سمترا منجياڻي ملوث آھن، انهن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي. هنن لڙڪ لاڙيندي ٻڌايو ته پوليس احتجاج ختم ڪرائڻ لا ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آھي پر اسان قاتلن جي گرفتاري تائين احتجاج ختم نه ڪنداسين. ٻئي طرف مٺي ٿاڻي تي پ پ پ جي ضلعي صدر سينيٽر انجنيئر گيانچند ۽ پ پ پ يوٿ ونگ ڊويزن ميرپورخاص جي صدر سشيل ملاڻي سميت قومي عوامي تحريڪ، ايس يو پي ۽ اي جي پي سميت مختلف سياسي تنظيمن جي ڪارڪنن ٿاڻي تي پهچي متاثرن جي احتجاج جي ڀرپور حمايت ڪئي ۽ شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو. ٻئي طرف ايس ايڇ او مٺي محمد سومار مڱريو رابطو ڪرڻ تي چيو ته نوجوان کي چوري ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو، جيڪو دل جي دوري سبب فوت ٿيو آهي. ٻئي طرف نوجوان جي چاچي جئرام ميگهواڙ جي فرياد تي ايس ايڇ او مٺي محمد سومار مڱريو، ڊيوٽي آفيسر ۽ عملي تي تشدد ڪري قتل ڪرڻ ۽ پ پ پ ليڊيز ونگ جي ضلع صدر ۽ انساني حقن جي ڪميٽي جي ميمبر سمترا منجياڻي، آچار ميگهواڙ ۽ موهن ميگهواڙ تي پوليس هٿان تشدد ڪرائڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو. ٻئي طرف نوجوان جي وارثن لاش کڻڻ لا آيل ايمبولينس کي به ٿاڻي تان گذرڻ نه ڏنو، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لا 10 ڪلاڪن کان ڌرڻو جاري هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close