پاڪستانسنڌ

لطيف يونيورسٽي جي استادن جو ايڊمن بلاڪ آڏو مظاهرو

شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي استادن جي تنظيم سلوٽا استادن جي مطالبن جي مڃتا ۽ يونيورسٽي انتظاميه جي استاد مخالف فيصلن خلاف ايڊمن بلاڪ آڏو مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر مينهون خان لغاري، ڊاڪٽر اختيار علي گهمرو، نيڪ محمد شيخ ۽ پروفيسر لياقت تنيو چيو ته سلوٽا يونيورسٽي انتظاميه کي 19 مطالبن جي لسٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ نااهل ۽ غيرقانوني رجسٽرار هٽايو، استادن لاءِ ايڊورٽائزمينٽ ڪرائڻ، استادن جو سليڪشن بورڊ حاصل ڪرڻ جا مطالبا سرفهرست آهن. هنن چيو ته استادن جي مطالبن جي مڃتا تائين هي احتجاج جاري رهندو. سڄي ملڪ جي يونيورسٽين ۾ هن احتجاج جي خبر پهچي چڪي آهي. ان موقعي تي فلوپا سنڌجي چيئرمين پڻ سلوٽا جي حمايت جو اعلان ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button