عالمي

ملڪ دشمن پروپئگنڊا ڪندا آهن ته فوج سان نٿي لڳي:نواز شريف

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان جا دشمن اها پروپئگنڊا ڪندا آهن ته منهنجي فوج سان نه ٿي لڳي، لياقت علي خان کان ظفر الله جمالي تائين جن جي فوج سان نه لڳي ڇا اهي سڀ وزيراعظم غدار هئا؟ عزت نفس تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو، سامراجي قوتن جي غلامي قبول نه ڪئي ته پنهنجن جي ڪيئن قبول ڪندس.

پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته اڄ پاڪستان جي پسنديده ترين پاٽي مسلم ليگ ن آهي، جنهن اورينج لائين، ميٽرو بس ۽ ترقي جا ڪيترائي منصوبا هنيا، روڊ تعمير ڪرايا، ٻڌايو ته ٻي اهڙي ڪهڙي پارٽي آهي؟ جنهن اهو سڀ ڪجهه ڪيو هجي؟

عزت نفس تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو

نواز شريف چيو ته اسان پنهنجي عزت نفس تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪنداسين، آئين جي غدارن جي غلامي اسان کي قبول ناهي، اسان سامراجي قوتن جي غلامي قبول نه ڪئي ته پنهنجن جي غلامي ڪيئن قبول ڪنداسين؟

لياقت علي خان کان ظفر الله جمالي تائين جن جي فوج سان نه لڳي ڇا اهي سڀ وزيراعظم غدار هئا؟

هن چيو ته پاڪستان جا دشمن منهنجي خلاف پروپئگنڊا ڪندا آهن ته منهنجي فوج سان نه ٿي لڳي، لياقت علي خان کان پو جيترا به وزيراعظم آيا، انهن ۾ ذوالفقار ڀٽو به شامل آهي، بينظير به شامل آهي، مشرف دور ۾ ظفر الله جمالي به وزيراعظم ٿيو، انهن جي فوج سان ڇو نه لڳي؟ جوڻيجو صاحب جي فوج سان ڇو نه لڳي؟ اهي سڀ وڙهندڙ هئا؟ اهڙي پروپئگنڊا رڳو پاڪستان دشمن ڪري رهيا آهن، ڇا اهي سڀ وزيراعظم به غدار هئا؟ عزت نفس تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button