پاڪستانسنڌ

کپري ۾ واپارين جو اجلاس، ڦر ۽ چوري واقعن تي ڳڻتي ظاهر

کپرو: کپرو ۽ آسپاس جي علائقن ۾ ڦھليل بدامني ۽ ڏينھن ڏٺي جو چوري ۽ ڦر جي وارداتن خلاف مختلف واپاري تنظيمن جو اجلاس ناليواري واپاري حاجي اسلام الدين ملڪ جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ سينيئر صحافي ۽ واپاري اڳواڻ ڏيون ڪمار کتري جي دڪان ٻاھران بيٺل موٽرسائيڪل چوري سميت ٻين واقعن تي گڻتي جو اظھار ڪندي واپارين چيو ته کپرو پوليس ڏوھارين خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪري سگھي آھي، جنھن جي نتيجي ۾ ڏوھارين کي ڇوٽ مليل آھي ۽ شھر جا ڪاروباري ماڻھو خاص طور تي ٻھراڙي جي ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ سامان وڪرو ڪرڻ لا ويندڙ واپاري خوف ۾ مبتلا آھن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته واپارين جو وفد چونڊيل نمائندن ۽ پوليس جي اعلى عملدارن سان ملاقاتون ڪري امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال بابت دانھن ڏيندو، تدارڪ نه ٿيڻ تي سخت احتجاج ۽ ھڙتال ڪئي ويندي. اجلاس ۾ صرافا ايسوسيئيشن جو اڳواڻ ڀڳوانداس سوني، ڊسٽري بيوٽر جو انجنيئر عامر لياقت قائمخاني، آٽا چڪي جو ڀيرجي سنگھه، مکي موھن داس ۽ ڏيون ڪمار کتري شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button