
اسلام آباد;پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وائرس جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 3 ڏهائي 30 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 1742 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي، جڏهن ته 39 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا. انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ فوتين جو ڪُل انگ 27 هزار 729 ٿي ويو آهي ۽ متاثرن جو انگ 12 لک 45 هزار 127 تي پهچي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 2377 ڄڻا صحتياب پڻ ٿيا، جنهن کانپوءِ صحتياب ٿيندڙن جو انگ 11 69 هزار 566 ٿي ويو آهي، جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 47 هزار 832 آهي.