اسلام آبادپاڪستان

ڪرنٽ سبب شهرين جي فوتگين تي حيسڪو مٿان 3 ڪروڙ 10 لک ڏنڊ

اسلام آباد:)نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪرنٽ لڳڻ سبب شهرين جي فوتگين جي معاملي تي حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (حيسڪو) تي 3 ڪروڙ 10 لک رپيا ڏنڊ لڳائي ڇڏيو آهي. نيپرا جي پڌرائي موجب ڏنڊ جولاءِ 2019 کان آڪٽوبر 2020 تائين ڪرنٽ لڳڻ سبب فوتگين تي لڳايو ويو آهي. نيپرا چيو آهي ته جولاءِ 2019 کان آڪٽوبر 2020 دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب 15 ماڻهن جون زندگيون ضايع ٿي ويون ۽ فوتگين جي جاچ لاءِ 3 ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وئي هئي. نيپرا موجب 15 مان 12 فوتگين ۾ حيسڪو کي ڏوهي قرار ڏنو ويو ۽ ان 12 فوتگين ۾ حيسڪو جا 5 ملازم ۽ 7 عام شهري شامل هئا. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته حيسڪو کي سوڳوار خاندانن کي 35 لک معاوضو ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. جڏهن ته معاوضي جا تفصيل اٿارٽي سان شيئر ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي. وڌيڪ چيو ويو آهي ته نيپرا ايڪٽ تحت حيسڪو کي شوڪاز جاري ڪيو، شنوائي جو موقعو به ڏنو پر حيسڪو قانوني ذميواريون انجام ڏيڻ ۾ ناڪام وئي ۽ اٿارٽي کي فوتگين جو اطلاع ڏيڻ ۾ به ناڪام وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button