اسلام آبادپاڪستان

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ن ليگ جي صدارتي آرڊيننس خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ن ليگ جي صدارتي آرڊيننس خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس درخواست کي نه ٻڌڻ جوڳو قرار ڏنو. ڪالهه سينيٽر اعظم نذير تارڙ طرفان وڪيل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو. ان دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته اپوزيشن اهو چئي رهي آهي ته اسان جي اڪثريت سينيٽ ۾ آهي پر استعمال ناهيون ڪري رهيا؟ پٽيشنر قابل احترام سياسي جماعت آهي، سينيٽ ۾ اپوزيشن سان گڏ اڪثريت موجود آهي، ڇا سياسي جماعت اهو چئي رهي آهي ته عوام نمائيندي کانسواءِ هجڻ گھرجي؟ عدالت پارليامينٽ کي تجويز ڏئي رهي آهي ته پارليامينٽ کي اختيار استعمال ڪرڻ گھرجن. عدالت سوال ڪيو ته سياسي جماعتون ڇو ان ۾ متاثر ڌر آهن؟ وڪيل جواب ڏنو ته پٽيشنر پارٽي پارليامينٽ ۾ آهي. چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن ڪا سياسي جماعت متاثر آهي ته پارليامينٽ ۾ آرڊيننس رد ڪري سگھي ٿي. عدالت کي ان قسم جي سياسي معاملي ۾ ڇو پوڻ گھرجي؟ چيف جسٽس چيو ته شهباز شريف جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ بابت ڪيس جو فيصلو پڙهو، جيڪڏهن ڪو چونڊجڻ کانپوءِ حلف نٿو کڻي ته عوام متاثر ٿئي ٿو. جڏهن اپوزيشن وٽ سينيٽ ۾ اڪثريت موجود آهي ته پوءِ انهيءَ فورم تي وڃي. واضح رهي ته ن ليگ درخواست ڏني هئي ته عدالت 60 ڏينهن ۾ چونڊيل نمائيندن جو حلف لازمي قرار ڏئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button