اسلام آبادپاڪستان

اليڪشن ڪميشن فارين فنڊنگ ڪيس جي انڪوائري ڪري رهيو آهي ته ڇا وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي؟ سپريم ڪورٽ

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته اليڪشن ڪميشن جيڪڏهن فارين فنڊنگ ڪيس جي انڪوائري ڪري رهيو آهي ته ڇا وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي؟ سپريم ڪورٽ ۾ وفاقي وزير خسرو بختيار کي وزير طور ڪم ڪرڻ کان روڪڻ جي درخواست تي شنوائي ٿي. سپريم ڪورٽ درخواستگذار احسن عابد کي ڪيس جي تياري جي مهلت ڏئي ڇڏي. جسٽس منصور علي شاهه درخواستگذار کي چيو ته اوهان چيو ته خسرو بختيار وفاقي وزير هجڻ سان گڏ شگر ملز جو مالڪ به آهي. درخواست موجب شگر ملز تي نيب انڪوائري هلي رهي آهي، ڪهڙو قانون چوي ٿو ته وفاقي وزير تي انڪوائري شروع ٿئي ته عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ گھرجي؟ اوهان نيب قانون يا آئين جي حوالي سان اها ڳالهه ثابت ڪري ڏيکاريو ته وفاقي وزير جو انڪوائري جي صورت ۾ استعيفيٰ ڏيڻ ضروري آهي. درخواستگذار احسن عابد چيو ته روپا ايڪٽ چوي ٿو ته پبلڪ آفيس هولڊر امين هجڻ گھرجي. جسٽس عمر عطا بنديا ريمارڪس ڏنا ته ڪيس ۾ بنيادي سوال اهو آهي ته وفاقي وزير خسرو بختيار پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي، اوهان جي ڪيس ۾ ڪا به جان نظر نه پئي اچي، اوهان مثال ڏنو ته ٻين ملڪن ۾ ريلوي حادثي تي وزير استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندا آهن، اها اخلاقي قدرن جي ڳالهه آهي جيڪا جمهوري نظام ۾ مختلف هوندي آهي. ٻڌايو انڪوائري شروع ٿيڻ تي اسان جي ملڪ ۾ ڪيترن وزيرن اڄ تائين استعيفيٰ ڏني آهي؟ اليڪشن ڪميشن جيڪڏهن فارن فنڊنگ ڪيس جي انڪوائري ڪري رهي آهي ته ڇا وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. جسٽس منصور علي شاهه درخواستگذار کي چيو ته اوهان ڪيس جي تياري ڪري اچو نه ته عوامي وقت زيان ڪرڻ تي اوهان کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي. عدالت درخواستگذار کي ڪيس جي تياري جو وقت ڏيندي ڪيس جي شنوائي کي ملتوي ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button