پاڪستانپنجاب

شهباز شريف جي زال نصرت شهباز تي فرد جرم لاڳو

لاهور: لاهور جي احتساب عدالت مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ شهباز شريف جي زال نصرت شهباز تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. احتساب عدالت ۾ شهباز شريف خاندان جي خلاف مني لانڊرنگ ريفرنس تي شنوائي ٿي. حمزا شهباز سميت ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا جڏهن ته عدالت شهباز شريف جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي شهباز شريف جي وڪيل چوڌري نواز ايڊووڪيٽ چيو ته ڊاڪٽرن شهباز شريف کي آرام جو مشورو ڏنو آهي ۽ هو صحت جي خرابي سبب احتساب عدالت ۾ پيش ناهي ٿي سگھيو. احتساب عدالت جي جج نسيم ورڪ ريفرنس ۾ نصرت شهباز تي هن جي نمائيندي ذريعي فرد جرم لاڳو ڪندي ايندڙ شنوائي تي نيب جي شاهدن کي شاهدين لاءِ طلب ڪري ورتو. احتساب عدالت مني لانڊرنگ ريفرنس تي وڌيڪ شنوائي 18 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button