اسلام آبادپاڪستان

آمريڪي ڌمڪي بابت خط جي جاچ لاءِ صدر ۽ چيف جسٽس کي خط

اسلام آباد:عمران خان آمريڪي ڌمڪي بابت خط جي جاچ لاءِ صدر عارف علوي ۽ چيف جسٽس کي خط لکي ڇڏيو آهي. تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان آمريڪي ڌمڪي تي پاڪستاني سفير جي خط جي جاچ لاءِ صدر عارف علوي کي خط لکي فوري طور تي ڪارروائي جي سفارش ڪئي آهي. عمران خان چيف جسٽس آف پاڪستان کي به ڌار خط لکي ڇڏيو آهي. عمران خان ان خط جي عوامي جاچ جي استدعا ڪئي آهي. عمران خان چيو آهي ته صدر عارف علوي ۽ چيف جسٽس کي گذارش آهي ته عوام جي اميدن تي پورا لهو. عوام انصاف ملڻ لاءِ عدالت ۽ صدارتي هائوس طرف نظرون لڳائي ويٺي آهي. ووٽ جي پرچي سان 5 سالن جي حڪومت چونڊ ڪرڻ جي پنهنجي جمهوري حق ۽ ٻاهرين سازش جي شڪل ۾ لڳندڙ ڌاڙي تي عوام سراپا احتجاج آهي. ايوان صدر ۽ عدالت طرفان معاملي تي خاموشي سبب عوام ۾ سخت مايوسي پکڙيل آهي. تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته هي انتهائي سنجيده قسم جو معاملو آهي. ان جي نتيجي ۾ منهنجي حڪومت کي سازش تي ٻڌل بي اعتمادي رٿ ذريعي هٽايو ويو. هن سازش جو مقصد مون کي وزيراعظم جي ڪرسي تان هٽائڻ هو. آخري ڪابينا اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت ان نتيجي تي پهئي هئي ته خط جي اکرن ۾ سازش صاف نظر اچي رهي آهي. عمران خان چيو ته ڳجهي خط جي رپورٽ ۾ آمريڪي انڊر سيڪريٽري آف اسٽيٽ جون ڳالهيون صاف طور تي بيان ڪيون ويون آهن. پاڪستاني سفير طرفان هن ملاقات بابت اماڻيل سمورا تفصيل هڪ ڳجهي خط جي شڪل ۾ اوهان وٽ موجود آهن. آمريڪي اسسٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ ٻين اختيارين سان گڏ اسان جي سفير سان باضابطا ملاقات ڪئي. عمران خان چيو ته عوام سچ ڄاڻڻ ۽ اقتدار جي تبديلي جي ٻاهرين سازش ۾ ملوث ڪردارن جي باري ۾ ڄاڻڻ چاهي ٿو. عدالت سازش ۾ ملوث ڪردارن جي تعين لاءِ ڪميشن جوڙي جيڪو کلي عام معاملي جي جاچ ڪري. هن وڌيڪ چيو ته ڳجهي خط ۾ لکيل هن سازش سبب ڊپٽي اسپيڪر معاملي جي مڪمل جاچ تائين بي اعتمادي رٿ تي ڪارروائي اڳيان وڌائڻ جي اجازت نه ڏني. بي اعتمادي رٿ تي راءِ شماري کان اڳ عدالت کي خط ۾ لکيل ڳالهين جو جائزو وٺڻ گهرجي ها.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button