پاڪستانسنڌ

قافلن تي ڪيس داخل ڪرڻ آئيني حق کسڻ جي ڪوشش آهي: مولانا امداد علي

علما اماميه جي صدر مولانا سيد ذوالفقار علي ڪاظمي ڪالھه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ مولانا امداد علي نسيمي، مولانا محمد علي جروار ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته عزاداري امام مظلوم اسان جي شهه رڳ ۾ شامل آهي ۽ آئيني حق آھي، پر تازو امامن جي چاليهي جي موقعي تي پيادل قافلن تي ڪيس داخل ڪري آئيني ۽ اخلاقي حق کسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي، جيڪو عمل ڪنهن صورت ۾ قابل قبول نه آھي. هن چيو ته ڪجهه ڌريون ملڪ ۾ فساد ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن، پر اسان هر صورت امن جو دامن هٿن مان وڃڻ نه ڏينداسين. هن الزام هڻندي چيو ته حيدرآباد ڪينٽ پوليس جي سب انسپيڪٽر سرفراز قريشي نشي جي حالت ۾ ڌت ٿي پڪي قلعي ڀرسان سبيل هلائيندڙ کي گهٽ وڌيڪ ڳالهايو ۽ جلوس جي موقعي تي قدم گاهھ روڊ تي گندي پاڻي جو نيڪال بند ڪري جلوس ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن عمل کي سازش سمجهون ٿا. هنن اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سڄي سنڌ ۾ داخل ڪيس ختم ڪري ڦهليل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button