سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ عورت جو مڙس کي کنڀڻ تي پوليس خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي الھه آباد پاڙي واسي عورتن گاڏين جي واپاري دلبر شيخ کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. عورت شھزادي شيخ پنهنجي نڻان سعيده خاتون سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته مڙس دلبر شيخ کي مارڪيٽ پوليس کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، مڙس مارڪيٽ ٿاڻي جي اهلڪارن نظام ماڇي، راجا ماڇي ۽ جاني ماڇي معرفت ڪوئيٽا واسي بااثر پٺاڻ شفيع محمد کان 7 ڪارون خريد ڪيون، جيڪي چوري جون نڪرڻ بعد گاڏيون واپس ڪري ڇڏيون پر پئسا واپس ناهن مليا. پئسا گهرڻ تي بااثرن گهر تي حملو ڪري مون سميت مڙس ۽ نڻان کي تشدد جو نشانو بنايو. الله آباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو پر پوليس ڪارروائي بدران اسان تي حملي جو ڪيس داخل ڪيو. چار ڏينهن اڳ 27 سيپٽمبر رات جو 4 وڳي پوليس مڙس دلبر شيخ کي کنڀي گم ڪيو آهي، اسان کي مارڪيٽ ٿاڻي جا اھلڪار، بااثر پٺاڻ اغوا ۽ مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button