پاڪستانسنڌ

بدين واسي نوجوان سي ايس ايس جو لکت وارو امتحان پاس ڪري ورتو

ضلع بدين جي ننڍڙي ڳوٺ ولي محمد ملڪاڻي جو رهواسي نوجوان راجيندر ميگھواڙ سي ايس ايس جو لکت وارو امتحان پاس ڪري ورتو آھي. ھن سال مجموعي طور تي 17240 اميدوار فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ۾ سي ايس ايس واري لکت واري امتحان ۾ ويٺا، جنھن مان ڪل 364 اميدوارن لکت وارو اھو امتحان پاس ڪيو آھي، جڏھن ته ھن سال ٻن ھندو نوجوانن اھو امتحان پاس ڪيو آھي. راجيندر ميگھواڙ 22 سالن جي ڄمار ۾ سي ايس ايس لکت وارو امتحان پنھنجي پھرين اٽيمپ ۾ پاس ڪيو آھي، ھن پنھنجي سموري تعليم گورنمنٽ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽي مان پرائي آھي، راجيندر ميٽرڪ سندس ڳوٺ جي گورنمينٽ ھا اسڪول ولي محمد ملڪاڻي ۽ گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي مان انگريزي ادب ۾ ڪئي، جڏهن ته راجيندر ڪمار ميگهواڙ سال جي محنت بعد لکت وارو ڏکيو امتحان پاس ڪيو. ياد رھي ته جيون ڪمار پڻ اھو امتحان پاس ڪيو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button