پاڪستانسنڌ

ڪابينا ۾ ايم ڪيو ايم جي وزيرن جي شموليت جي تجويز ناهي:سنڌ حڪومت

ڪراچي :ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، قانون بابت وزير اعليٰ سنڌ جي صلاحڪار ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ ڪابينا ۾ ايم ڪيو ايم جي وزيرن جي شموليت جي ڪا به تجويز ناهي نه ئي سنڌ ڪابينا ۾ ڪوئي ڦيرگهير ڪيو پيو وڃي. مسجد نبوي صلي الله عليه وآله وسلم ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو انتهائي قابل مذمت آهي. ذاتي سياسي مقصدن جي لاءِ رياست مدينه وارن ان مقدس جڳهه کي استعمال ڪيو. جنهن جي ڪري مسلمانن جا سر شرم کان جهڪيا آهن، ملڪ کي بدنام ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي. ابراهيم حيدري جي علائقي ۾ عمر ڪالوني روڊ ۽ ان جي ويجهو روڊن جي تعمير ۽ فٽبال گرائونڊ ۽ اسٽيڊيم جي تعمير سان علائقي جي ماڻهن کي سهولت ملندي. سنڌ حڪومت ڪراچي جي عوام جي سياسي وابستگين سان بغير ڪنهن فرق جي هنن جي زندگي ۾ تبديليون آڻڻ جي لاءِ وڏا ترقياتي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن عمر ڪالوني روڊ کان ڪورنگي ڪريڪ روڊ ۽ ابراهيم وليج کي ملائيندڙ روڊ، ابراهيم حيدري فٽبال گرائونڊ، مجاهد بلوچ فٽبال اسٽيڊيم جي نيئن سر تعمير جي لاءِ سنگ بنياد رکڻ جي موقعي تي منعقد ڪيل تقريب سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڪينپ نظير ميمڻ ، صوبائي اسيمبلي جي ميمبر محمود عالم ڄاموٽ ، وزيراعليٰ سنڌ جي معاون خصوصي ۽ پيپلز پارٽي ضلعي ملير جي صدر سلمان عبدالله مراد ۽ ٻيا موجود هئا. ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بئريسٽر وهاب چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو فلسفو آهي ته پيپلز پارٽي خدمت ۾ سڀ کان اڳتي سنڌ حڪومت جي ترجيح آهي ته ڪراچي جي هر علائقي ۾ روڊن، گهٽين ، پارڪن کي تعمير ڪيو وڃي. 9000 هزار روڊ کان ڪورنگي ڪريڪ روڊ تائين 3 ڪلو ميٽر ڊگهي عمر ڪالوني روڊ ۽ ابراهيم حيدري جا علائقا سان رابطو جوڙڻ واري 5 ڏهائي 45 ڪلوميٽر جا 13 لنڪ روڊ ۽ اسٽريٽس تي بس اسٽاپ ، فٽ پاٿ، اسٽريٽ لائيٽس، ڊسٽ بن اربن فرنيچر، سائن ايج ۽ وڻڪاري جا پڻ انتطام ڪيا ويندا. 2 ڏهائي 6 ايڪڙ ايراضي تي حيدري فٽ بال گرائونڊ تي جاگنگ ٽريڪ ۽ اضافي فيملي پارڪ بڻايو پيو وڃي ان کان علاوه موجوده اسٽيڊيم ۽ داخلي رستن کي بهتر بڻايو پيو وڃي. بائيڪ پارڪنگ جي جڳهه فراهم ڪرڻ کان علاوه ڪميونٽي هال به تعمير ڪيو پيو وڃي. اسٽيڊيم ۾ 900 تماشائن جي ويهڻ جي گنجائش آهي. جڏهن ته اضافي پويلين ۾ 300 کان وڌيڪ تماشائي ويهي سگهندا. اهي سمورا ڪم هلندڙ سال جي آخر تائين مڪمل ڪيا ويندا. هن چيو ته هتان جي مقامي قيادت وزيراعليٰ سنڌ کي مطالبو ڪيو هو ته هن علائقي ۾ ٻارن ۽ نوجوانن کي کيڏڻ جي لاءِ ڪا جڳهه ناهي، تنهنڪري اها سهولت فراهم ڪئي وڃي جنهن تي سنڌ حڪومت فوري ڪاروائي ڪندي گرائونڊ جي تعمير جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته هن علائقي ۾ 3 ڪلو ميٽر مين شاهراهه ۽ 7 ڪلو ميٽر اندروني گهٽيون تعمير ڪيون وينديون. عورتن جي لاءِ پارڪ ٺاهي رهيا آهيون ته جيئن اهي کليل هوا ۾ وقت گذاري سگهن. سامونڊي پٽي کي هميشه نظر انداز ڪيو ويو آهي پر اسين هن علائقي کي ترقي مهيا ڪندا سين. هن چيو ته ڪامياڙي ضلعي ۾ ماڙي پور روڊ، مڇي چوڪ کان ڪينپ تائين روڊ هجي يا سائيڊ جا روڊ هجن اسان انهن کي تعمير ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ماضي ۾ ماڻهو آيا وعدا ڪري هليا ويا. تحريڪ انصاف پاڪستان ۽ عوام کي وڏو نقصان پهچايو. هٿ ٻڌي عمران خان چوان ٿو ته هاڻي هو هن ملڪ جي جان ڇڏي ڏي. ايڊمنسٽريٽر ڪراچي چيو آهي ته ڪراچي جي لاءِ 119 بسون چين مان روانيون ٿيون آهن جيڪي جلد ڪراچي پهچنديون، 75 ارب روپين جي لاڳت سان ريڊ لائين منصوبي تي ڪم جي شروعات ڪئي وئي آهي جيڪو هڪ وڏو منصوبو آهي. اورينج لائين بسن جي خريداري جي لاءِ ايس آءِ ڊي ايل کي رقم جي ادئگي ڪئي وئي آهي. اورينج لائين، گرين لائين کي سپليمينٽ ڪندي. اورينج لائين جي لاءِ به بسن جي خريداري جو عمل جاري آهي. بليو لائنز جي فزيبلٽي تي ڪم ٿي رهيو آهي، جلد تعميراتي ڪم شروع ڪيو ويندو. تقريب سان خطاب ڪندي پي ڊي ڪينپ نظير ميمڻ چيو ته ان کان اڳ فشر مين چورنگي بڻائي ۽ مين ڪورنگي کان منسلڪ ڪيو ته جيئن ان علائقي ۾ ماڻهن کي آمد و رفت ۾ سهولت ملي. اهو فيز 1 هو ۽ هاڻي فيز 2 تي ڪم جي شروعات ڪئي آهي، ان جا چار حصا آهن عمر ڪالوني روڊ، مجاهد بلوچ پارڪ، ابراهيم حيدري پارڪ ۽ اندروني روڊن جي تعمير شامل آهي جنهن سان عالياني محلو، ڦلياڻي محلو، ڪڇي محلو ۽ ٻين علائقن کي سهولت ملندي. تقريب سان صوبائي اسيمبلي جي ميمبر محمود عالم ڄاموٽ ۽ وزيراعليٰ سنڌ جي معاون خصوصي عبدالله مراد پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button