اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ نه ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد : وفاقي حڪومت عيد تي خوشخبري ڏيندي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وفاقي حڪومت طرفان پيٽروليم شين جا اگهه برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اوگرا طرفان وزيراعظم کي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي سمري ڏني وئي هئي، جيڪا وزيراعظم رد ڪري ڇڏي آهي. ناڻي واري وزارت طرفان پيٽروليم شين جي اگهن بابت پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي. پڌرائيءَ موجب پيٽرول جي قيمت 149 رپيا 86 پئسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 144 رپيا 15 پئسا، گاسليٽ جي في ليٽر قيمت 125 رپيا 56 پئسا ۽ لائٽ ڊيزل جي قيمت 118 رپيا 31 پئسا في ليٽر تي برقرار رهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button