پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ پ پ جي گڏجاڻي، اميدوارن کان درخواستون وصول

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان پي ايس 66 جي صدر پاشا قاضي جي رهائشگاهه تي سٽي جي 18 يوسيز جي عهديدارن جو اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت ضلعي صدر صغير احمد قريشي ڪئي. اجلاس ۾ 18 يوسيز جي صدرن، جنرل سيڪريٽرين، انفارميشن سيڪريٽرين، بلدياتي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي خواهشمند اميدوار ۽ جيالن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ضلعي صدر صغير قريشي اميدوارن کان درخواستون وٺي کين فارم ڏنا. گڏجاڻي کي خطاب ڪندي صغير قريشي چيو ته جيالا بلدياتي اليڪشن جي ڀرپور تياري ڪن، هن ڀيري سمورين يوسيز تي اميدوار بيهاريا ويندا، أحيدرآباد جو ميئر پ پ جي ورڪرن مان هوندو. گڏجاڻي کي خطاب ڪندي پاشا قاضي چيو ته بلدياتي اليڪشن لا تياريون جاري آهن، درخواستون ڏيندڙ اميدوارن مان جنهن کي پارٽي بيهاريندي، اسان ان جي مڪمل حمايت ڪنداسين. هن چيو ته بلدياتي اليڪشن ۾ جيالا پارٽي جي ڪاميابي لا ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيندا، سڄي ضلعي ۾ ڪارڪن بلدياتي اليڪشن لا سرگرم آهن، اسان پارٽي جي ڪاميابي لا عوام سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن، مخالفن کي بلدياتي اليڪشن ۾ دسي سندن ضمانتون رد ڪرائينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button