اسلام آبادپاڪستان

نيب چيئرمين مقررين ۽ بدلين تي پابندي مڙهي ڇڏي

اسلام آباد :نيب چيئرمين جسٽس رٽارڊ جاويد اقبال نيب ۾ مقررين ۽ بدلين تي فوري پابندي لاڳو ڪري ڇڏي. نيب طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جيڪي ٽرانسفر، پوسٽنگ ويجهڙائي ۾ ڪيون ويون آهن، انهن تي عملدرآمد به روڪيو ويو آهي. پريس ريليز ۾ نيب چيئرمين هدايت ڪئي آهي ته نيب هيڊ ڪوارٽر ۽ سمورا بيورو سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪن. واضح رهي ته گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ حڪومت طرفان جاچ ادارن جي معاملن ۾ رنڊڪون وجهڻ تي پاڻمرادي نوٽيس جي شنوائي دوران هاءِ پروفائيل ڪيسن ۾ آفيسرن جي مقرري ۽ بدلي تي پابندي لاڳو ڪئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button