پاڪستانسنڌ

پي ٽي آئي ايم اين اي عامر لياقت حسين استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ڪراچي: پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٽڪٽ تان چونڊيل ايم اين اي عامر لياقت حسين استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

عامر لياقت حسين ٽوئيٽ ڪندي استعيفيٰ ڏيڻ جو اطلاع ڏنو پر سبب نه ٻڌايو.

عامر لياقت حسين ٽوئٽ ۾ لکيو آهي ته الله تعاليٰ عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کي پنهنجي امان ۾ رکي (الله حافظ).

واضح رهي ته ماضي ۾ به عامر لياقت حسين ڪراچي جي مسئلن تي وزيراعظم عمران خان آڏو خدشا ظاهر ڪيا هئا.

گذريل سال جولاءِ ۾ به عامر لياقت حسين قومي اسيمبليءَ مان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ سبب اهو هو ته ڪراچي ۾ بجلي جي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه ٿي سگهيو آهي.

عامر لياقت پنهنجو سياسي سفر متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) کان شروع ڪيو هو ۽ ا ڳوڻي صدر پرويز مشرف جي حڪومت دوران هو 3 سالن تائين مذهبي معاملن جو وزير به رهيو پر مارچ 2018 ۾ هو پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيو.

ڪجهه مهينن بعد پي ٽي آءِ اڳواڻن سان عامر لياقت حسين جا اختلاف به سامهون آيا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button