اسلام آبادپاڪستان
رجحان ساز

دنيا ۾ 100 ۽ پاڪستان ۾ رڳو 22 سيڪڙو پيٽرول مهانگو ٿيو، عوام جي تڪليفن جو احساس آهي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آھي تھ مهانگائي ۾ عوام کي ٿيندڙ تڪليف جو آحساس آهي، قرضن ۽ خساري باوجود عوام تي گهٽ دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، وزيراعظم طرفان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ تيل، کنڊ ۽ ڪڻڪ سستي هجڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.

اسلام آباد ۾ ڪامياب پاڪستان منصوبي جي تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم عمران خان چيو ته دنيا ۾ ڪجهه مهينن دوران سئو سيڪڙو پيٽرول مهانگو ٿيو. پاڪستان ۾ رڳو 22 سيڪڙو اگهه وڌايا ويا آهن، دنيا ۾ کنڊ چاليهه ۽ پاڪستان ۾ رڳو 22 سيڪڙو مهانگي ڪئي وئي.

وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو تھ ملڪ ۾ هڪ جهڙو نصاب آڻڻ جي مخالفت ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي، سڀني کي انگريزي سکڻ جو هڪجهڙو موقعو ملي ته ماڻهو پٺتي ڪيئن ويندا؟ بدقسمتي سان پاڪستان ۾ اميرن کي فائدو ڏيڻ وارو نظام آهي، طاقتور خلاف غريب عدالت ۾ وڃي ته اُن کي ڪڏهن به انصاف نه ملندو.

هن چيو ته مون کي احساس آهي ته مهانگائي سبب هيٺين طبقي جي ماڻهن کي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. پاڪستان ۾ سڀني کان گهٽ قيمت تي ڊيزل ۽ پيٽرول ڏئي رهيا آهيون.

هن چيو ته حڪومت پوري ڪوشش ڪري رهي آهي ته غريبن کي تڪليف گهٽ ٿئي. ملڪ جي خوشحالي جي لاءِ پاڻ مٿان ڀاڙڻ ضروري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button