پاڪستانسنڌ

مسڻ ۾ معصوم ٻار جو قاتل پاڙي جو ڇوڪرو نڪتو، گرفتار

مسڻ/ چمبڙ: مسڻ ويجھو ڳوٺ يار محمد ٽالپر جي رهواسي قتل ٿيل 9 ورھين جي ٻار شھباز پٽ مبارڪ مير جت جو قاتل پاڙيسري نينگر نڪتو. ڊي ايس پي چمبڙ مير لياقت ٽالپر، ڊي ايس پي سي آئي اي ٽنڊوالھيار محمد عثمان لغاري ۽ ايس ايڇ او مسڻ شڪيل احمد جمالي چمبڙ ۾ ڊي ايس پي آفيس ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مسڻ ٿاڻي جي حد مير وحيد ٽالپر جي غير آباد زمين ۾ بيٺل ديوين جي جھنگ ۾ بيدردي سان قتل ڪيل 9 ورھين جي مقتول شھباز پٽ مبارڪ ميرجت جو قاتل سندس ئي پاڙي لطيف آباد اسٽاپ جو رھواسي 16 ورھين جو جوابدار مرتضى پٽ غلام مصطفى ماڇي آهي، جنهن کي گرفتار ڪري ورتو آھي، جنھن ڏوھه جو اعتراف ڪيو آھي، جوابدار خلاف مقتول نينگر جي والد مبارڪ ميرجت جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي قاتل جوابدار نينگر مرتضى ماڇي ميڊيا آڏو ڏوھه جو اعتراف ڪندي ٻڌايو ته مقتول شھباز ۽ سندن سئوٽ مون کي روزانو گارگند ڪندا هئا، ان ڪري مون کي ڪاوڙ هئي، واقعي واري ھنڌ اوچتو مون کي مقتول اڪيلو جھنگ ۾ ملي ويو ته مون کيس گھٽا ڏئي قتل ڪيو ۽ فرار ٿي ويس. معلوم ٿيو آهي ته جوابدار هڪ ٻي ڇوڪري گلزار جو به نالو ورتو، پر ڪيس ۾ ان جو ذڪر ناهي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button