اسلام آبادپاڪستان

وفاق تي حملو ٿيو ته پوري طاقت سان مقابلو ڪيو ويندو:خواجا آصف

اسلام آباد :قومي اسيمبلي حريت اڳواڻ ياسين ملڪ خلاف ڀارتي فوجداري ڪارروائي جي مذمت ۽ ياسين ملڪ سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي مذمتي ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي. قومي اسيمبلي جو اجلاس راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ يڪجهتي جو اظهار ڪندي ٺهراءُ پيش ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ قادر مندوخيل جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڪراچي ۾ گئس جي کوٽ جو نوٽيس وٺندي چيو ته گيس پريشر گهٽ هجڻ سبب هن علائقي ۾ 200 ايم ايم سي ايف ڊي گيس فراهم ڪري رهيا آهيون پر پريشر گهٽجڻ سان ئي گهٽجي ٿو. گئس علائقي تائين پهچندي آهي. دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته رياست جي رٽ کي چئلينج ڪرڻ جي اجازت ڪنهن به نه ڏني ويندي، هٿياربند جٿا آيا ته اهو پاڪستان جي سلامتي ۽ وفاق تي حملو هوندو ۽ ان جو پوري طاقت سان مقابلو ڪيو ويندو. وفاداريون تبديل ڪندڙ سياست کي پائمال ڪندا آهن اهڙن ماڻهن لاءِ اصول تبديل ٿيندا رهندا آهن. خواجا آصف چيو آهي ته آصف زرداري منهنجو دوست آهي، ان کان منهن نٿو موڙي سگهان، ناراضگيون ٿينديون رهنديون آهن، اسان کي ڪو پاڻي پياري ته اهو به ياد رکندا آهيون. آئون ان شخص وانگر الزام نه هڻندس جنهن ميڊيا تي اچي چيو هو ته سندس ڪپڙا به زرداري جا ڏنل آهن، پر پوءِ انهن آصف زرداري پاران ڪيل سڀئي احسان ئي وساري ڇڏيا. قومي اسيمبلي ۾ ڊاڪٽر فهميده مرزا جي اعتراض واري نقطن جو جواب ڏيندي خواجا آصف چيو ته نواز شريف کي جڏهن پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي اقتدار مان ڪڍيو ويو ته هن وڪيٽيون نه اکيڙيون، هن خوني مارچ نه ڪيو، هن سر جهڪايو ۽ ڌيءَ سان گڏ قيد ۾ هليو ويو ان کي چئبو آهي قانون جي عملداري آڏو سرجهڪائڻ، هڪ وقت شهباز شريف قيد ۾ هو ان دوران آئون به قيد ۾ هئس، وزيراعظم جيل سپرينٽينڊنٽ کي اسان کي حوالي سان هدايتون ڏنيون هيون، جنهن تي سپرينٽينڊنٽ مون کي چيو ته وزيراعظم جي هدايت آهي ته اسان کي جيل ۾ ڪا به سهولت نه ملڻ گهرجي پر اسان پوءِ به ڪنڌ نه جهڪايو، وفاداري تبديل نه ڪئي، مون زرداري جو نالو ۽ ان جي دوستي کي نه وڪيو. پر زرداري ته انهن کي وڏيون وڏيون ڪرسيون ڏنيون پر هي پوءِ به وساري ويٺا. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان سرينگر هاءِ وي تي احتجاج ڪيو پر هڪ ٽار به نه ٽٽو، اسان وٽ ڪو به هٿياربند نه هو، پر هڪ مهينو پهرين جڏهن لاجز مان ايم اين ايز کي کنڀيو ويو اتي ٽيبلون ٽوڙيون ويون ان وقت ڪنهن جو ضمير نه جاڳيو، اڄ ضمير جاڳي ويا آهن. وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو آهي ته حڪومت کي وڏي دل جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، ن ليگ سياسي طرز عمل جو مظاهرو ڪري، پولرائيزيشن جي خاتمي لاءِ اسان کي هوش کان ڪم وٺڻو پوندو. فهميده مرزا چيو ته سياسي اڳواڻن جي ٻارن ۽ خاندانن کي ڌمڪايو ويو آهي، اسان ماضي مان سبق ناهي سکيو، اسان هڪ دفعو ٻيهر ڄڻ 90ع جي ڏهاڪي ۾ پهچي ويا آهن. لاهور ۾ جيڪو واقعو ٿيو آهي ان جي مذمت ڪريان ٿي، اسان ان ڳالهه کي برداشت نٿا ڪري سگهون ته ڪنهن معصوم جي حياتي هلي وڃي. مولانا اسعد محمود چيو ته عمران خان جڏهن ڌرڻو هڻي رهيو آهي تڏهن به فنڊنگ اولهه کان اچي رهي آهي، پي ٽي آءِ جي سموري فنڊنگ جي جاچ ٿيڻ گهرجي ته اها فنڊنگ ڪير ڪري رهيو آهي. هو لنڊن ۾ پنهنجن ٻارن سميت احتجاج ڪري رهيو آهي. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين نور عالم خان اسٽيبلشمينٽ ۽ عمران خان وچ ۾ رابطن تي اعتراض اٿاريو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button