پاڪستانسنڌ

دادو ۾ سردار چانڊيو ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش، شنوائي ملتوي

دادو: دادو جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين پي مختيار چانڊيو، ڏاڏي ڪرم الله چانڊيو ۽ چاچي قابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، فريادي ڌر پرويز چانڊيو، ام رباب چانڊيو ۽ وڪيل نه اچڻ سبب ڪرمنل ٽرائل ماڊل ڪورٽ جي جج نديم بدر قاضي ٻڌڻي 18 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي ۾ الزام هيٺ آيل پ پ پ ايم پي اي سردار احمد چانڊيو ۽ ايم پي اي برهان خان چانڊيو عدالت پهتا. جڏهن ته گرفتار ٿيل جوابدارن ذوالفقار، مرتضيٰ سڪندر ۽ ٻين کي حيدرآباد جيل مان دادو ڪورٽ پيش ڪيو ويو. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ پ ايم پي اي سردار احمد چانڊيو چيو ته 5 سالن کان چئي رھيا آھيون ته بيڏوھي آھيون، الزام ڪوڙو آهن، عدالتن مان انصاف جي اميد آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button