
ڪڪڙ: ڪڪڙ ٿاڻي جي حد ڳوٺ بنگلو ۾ گهٽي مان لنگهڻ تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران لٺيون لڳڻ ڪري پروين بروهي، وحيد بروهي، خادم بروهي، علي حسن بروهي ۽ محمد بروهي سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ ليٽر ڏئي تعلقا اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي محمد بروهي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.