پاڪستانسنڌ

عورتن جي حقن بابت قانون موجود،شعور جي اڻاٺ آهي: (دادو ۾ ورڪشاپ)

دادو: دادو ۾ عورتن جي حقن ۽ انھن بابت قانون جي حوالي سان دادو پوليس ۽ سنڌ حڪومت جي وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جي گڏيل سهڪار سان تربيتي ورڪشاپ ايس ايس پي آفيس جي ڪانفرنس هال ۾ ڪوٺايو ويو تربيتي ورڪشاپ ۾ ضلعي دادو جي مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز ۽ جانچ آفيسرن سميت وڏن منشين ۽ عورت پوليس اھلڪارن حصو ورتو ان کان علاوه وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ جي عملدارن، ڊپٽي ڊائريڪٽر عاشق حسين ڪلھوڙو، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر وومين اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن سيل ۽ صنفي قانونن جي ماسٽر ٽرينر ماروي اعواڻ، سوشل ويلفيئر آفيسر ريشمان ٿيٻو، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نديم احمد کھرو، سيف ھائوس دادو جي انچارج نظيران سومرو شرڪت ڪئي، تربيتي ورڪشاپ ۾ عورتن ۽ کدڙا فقيرن جي حقن ۽ انھن مٿان ٿيندڙ مختلف قسم جي تشدد، ناانصافين، ڪارو ڪاري جي رسمن سميت ننڊي عمر جي شادي وارن مسئلن بابت جڙيل قانونن يونيورسل ڊڪليريشن آف ھيومن رائٽس، فنڊامينٽل رائٽس، ڊوميسٽڪ وائلنس ايڪٽ، ورڪ پليس حراسمينٽ ايڪٽ ۽ ارلي چائلڊ ميرج ريسٽرينٽ ايڪٽ بابت ڄاڻ ڌني، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي تربيت ڏيندڙ ٽرينرز چيو ته ملڪ جي آئين ۾ عورتن جي حقن ۽ سندن تحفظ بابت قانون موجود آھن پر شعور جي اڻاٺ سبب اڪثر متاثرين کي ان جو لاڀ حاصل نه ٿي رھيو آھي، انھن قانونن ۽ عورتن کي حاصل حقن جي مڪمل واقفيت ۽ ڄاڻ سان ئي پوليس سميت ٻيا لاڳاپيل ادارا متاثره عورتن توڙي فقيرن جي تحفظ جو دفاع ڪري سگھن ٿا ان لاءِ اڄ جو ھي تربيتي ورڪشاپ ڪوٺايو ويو آهي، جڏهن ته ان موقعي تي ايس ايس پي دادو عرفان علي سمون چيو ته، دادو پوليس عورتن جي تحفظ لاءِ جوڳا قدم کڻي رهي آهي ان سلسلي ۾ دادو پوليس جو وومين اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن سيل پڻ مڪمل فعال آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button