پاڪستانسنڌ

شانگلا واسي کي ماستري ملڻ خلاف درخواست داخل،ڊوميسائل جعلي آهي:ڊي سي

ڪوٽڙي: يونين ڪائونسل منظور آباد ۾ ڄامشورو جو ڊوميسائل رکندڙ پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي طور ڀرتي ٿيل شانگلا واسي اسرار علي وارو مامرو ڄامشورو جي عدالت پهچي ويو. ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي ميمبر ايڊوڪيٽ فهيم احمد انڙ طرفان ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو، يونين ڪائونسل جي سيڪريٽري ۽ ڪلارڪ مٿان ڪيس داخل ڪرائڻ لا ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڄامشورو جي عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي. جڏهن ته سيشن جج ڄامشورو درخواست شنوائي جوڳي قرار ڏيندي درخواست فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ڏانهن منتقل ڪري ڇڏي. ان دوران عدالت ڊي سي، يونين ڪائونسل سيڪريٽري ۽ ڪلارڪ کي نوٽيس جاري ڪندي 31 مئي تي طلب ڪري ورتو. جڏهن ته درخواست ۾ ايس ايس پي ڄامشورو، ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن، سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن، ايس ايڇ او ڪول مائينز، ايس ايڇ او کاڻوٺ کي پڻ ڌر بڻايو ويو آهي. درخواستگذار ايڊووڪيٽ فهيم احمد انڙ موقف اختيار ڪيو ته شانگلا جي رهواسي اسرار علي کي ڪهڙي قانون تحت ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڊوميسائل ٺاهي ڏنو آهي، جيڪو هاڻي منظور آباد جي مقامي ماڻهن جي حق تي ڌاڙو هڻي پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي ٽيسٽ ۾ پاس ٿي استاد بڻيو آهي. يونين ڪائونسل سيڪريٽري حفيظ راڄڙ ۽ ڪلارڪ سليمان شاهه ان کي رهائشي سرٽيفڪيٽ ٺاهي ڏنو آهي، جنهن جي آڌار تي هن پهريان شناختي ڪارڊ ٺهرايو ۽ پو ان کي ڊوميسائل ٺاهي ڏنو. ان لا مون عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي آهي. جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو فريدالدين مصطفيٰ جو چوڻ آهي ته سوات سان تعلق رکندڙ شخص جو ڊوميسائيل جعلي آھي. اي ڊي سي ون ڄامشورو جي سربراھي ۾ انڪوائري ٽيم جوڙي آھي. اسان وٽ آ بي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا ڪاغذ جاچ پڙتال لا آيل آھن، ان تي اسان جاچ ڪري ان ڊوميسائل کي بوگس ڄاڻايو آھي. وڌيڪ ٽيم جاچ ڪري رھي آھي، اھو ڊوميسائل ڪيئن ٺھيو ۽ ڪٿان ٺھيو. ان بعد قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button