پاڪستانسنڌ

سجاول جوڻيجو ۾ پ پ اڳواڻ خلاف ڪارڪنن جو مظاهرو

سجاول جوڻيجو: عرضي ڀٽو ۾ پ پ ڪارڪنن طرفان ھڪ کان چار اسڪيل تائين نوڪرين واري ٺھندڙ لسٽ ۾ من پسند ماڻھن کان پئسا وٺي انھن جا نالا ڏيڻ خلاف پ پ ڪارڪنن طرفان پ پ سجاول جوڻيجو تعلقي جنرل سيڪريٽري خلاف ٽئين ڏينھن به شھر جي مين چوڪ تي ھٿن ۾ پارٽي جا جھنڊا، بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي شمس ڀٽو، عظيم لولائي، اصغر مگسي، اصغر ڀٽو ۽ ٻين چيو ته پ پ سجاول جوڻيجو جي تعلقي جنرل سيڪريٽري منظور احمد بروھي ھڪ کان چار اسڪيل جي نوڪرين واري ٺاھيل لسٽ ۾ من پسند اميدوارن جا نالا ڏنا آهن، جيڪا لسٽ شھدادڪوٽ جي ضلعي صدر قمرالدين گوپانگ حوالي ڪئي وئي آھي، لسٽ ۾ من پسندن جا نالا ڏئي اسان سينيئر ڪارڪنن سان زيادتي ڪئي وئي آهي. ھنن چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پ پ ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر کان گھر ڪئي آھي ته سينيئر ڪارڪنن جا نالا لسٽ ۾ شامل ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button