پاڪستانسنڌ

دادو ۾ قتل ڪيسن ۾ هڪ جوابدار کي 3 ڀيرا ڦاهي ۽ چئن کي عمر قيد جي سزا

دادو: دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج نديم بدر قاضي جي عدالت قتل جي ٽن ڌار ڌار ڪيسن ۾ هڪ جوابدار کي 3 ڄڻن کي قتل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 3 ڀيرا ڦاهي ۽ 4 ڄڻن کي عمر قيد سزا جا فيصلا ٻڌايا. اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل قتل جي 10 سال پراڻي ڪيس ۾ ڏوھه ثابت ٿيڻ تي جوابدار پرويز پٽ غلام سرور ڪلهوڙو کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته ٻن جوابدارن غلام عباس ۽ ممتاز ڪلهوڙو کي عمر قيد جي سزا ۽ 2،2 لک رپيا ڏنڊ جو فيصلو ٻڌايو. سزا ٻڌايل جوابدارن خلاف موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي تڪرار تان دادو شهر جي شهباز ڪالوني ۾ ارباب زال علي اڪبر پنهور کي قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو. ساڳي عدالت ٿرڙي محبت ٿاڻي جي 2014ع جي هڪ قتل جي ڪيس ۾ ڏوھه ثابت ٿيڻ تي جوابدار پرويز احمد پٽ غلام سرور ڪلهوڙو کي ڦاسي جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته سندس ڀا سعيد احمد کي عمر قيد سزا ٻڌائي، سزا ۽ 2،2 لک رپيا ڏنڊ جو فيصلو ٻڌايو. سزا ٻڌايل جوابدار خلاف ٿرڙي محبت ٿاڻي تي سڱاوتي تڪرار تان علي گوهر کي قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو. ماڊل ڪورٽ پوليس ٿاڻي جهلو جي قتل جي ٽئين ڪيس ۾ پڻ قتل جو ڏوھه ثابت ٿيڻ تي جوابدار پرويز عرف پرو ڪلهوڙو کي ڦاهي ۽ بگن چانڊيو کي عمر قيد جي سزا 2،2 لک رپيا ڏنڊ جو فيصلو ٻڌايو. جوابدارن تي جهلو ٿاڻي تي زمين جي تڪرار تان غلام محمد عرف پٺاڻ جمالي کي قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ٿيل هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button