پاڪستانسنڌ

سرهاڙي لڳ ڳوٺاڻو گوليون ۽ ڪهاڙيون هڻي قتل

سرهاڙي: سرھاڙي لڳ نامعلوم ھٿياربندن ھٿان ڳوٺاڻو بيدردي سان قتل ٿي ويو. رپورٽ موجب سرھاڙي لڳ ڳوٺ محمد صالح انڙ ۾ نامعلوم ھٿياربندن 45 سالن جي ممتاز انڙ کي بيدري سان گوليون ۽ ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا. اطلاع ته کڏھر پوليس واقعي واري ھنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ۽ سڪرنڊ اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي ڳوٺ صالح انڙ گهر کڻائي پهتا ته ڪهرام مچي ويو. ان سلسلي ۾ کڏهر پوليس چيو ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪريون پيا، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ڪارروائي ڪئي ويندي. قتل ٿيل نوجوان جي ڀا رمضان انڙ ميڊيا کي ٻڌايو ته صبح کان منهنجو ڀا ممتاز انڙ سرھاڙي شھر لا گهران نڪتل هو، شام جو ڳوٺ ٻاهران لاش ٻني مان مليو، اسان جي ڪنھن سان ڪا به دشمني ناھي، منهنجي ڀا کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button