پاڪستانسنڌ

سنڌڙي جو مغوي نوجوان اڃا تائين ڌاڙيلن وٽ قيد

سنڌڙي: سنڌڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي حسين ڪالرو جو رهواسي نوجوان ايسر ڀيل 23 ڏينھن گذرڻ باوجود بازياب نه ٿي سگھيو آهي. ايسر ڀيل جي زال گنگا ۽ 2 سالن جي نياڻي پوجا روئي روئي بيحال ٿي ويون آهن. مغوي جي وارثن کان 15 لک رپيا ڀنگ گهريو ويو آهي، پر اختيارين سندس بازيابي لا ڪي به اپا ناهن ورتا. ايسر ڀيل جي زال گنگا “سنڌ ايڪسپريس” سان ڳالھائيندي چيو ته منھنجو مڙس ايسر ڪمائي ايندو هو ته گھر جي چلھه ٻرندي هئي، مڙس کي پاڙيسري مير حسن شر ورغلائي موٽرسائيڪل وٺي ڏيڻ بھاني سان وٺي وڃي اغوا ڪيو، پر پوليس مڙس کي بازياب ڪرائڻ لا ڪا ڪارروائي نٿي ڪري. گذريل رات ايسر جي بازيابي لا ڌاڙيلن فون ڪري 15 لک ڀنگ ٻيهر گھريو ۽ ڌمڪي ڏني ته جيڪڏھن ڀنگ جي رقم نه ڏني ته ايسر ڀيل کي ماري ڇڏينداسين. ايسر جي سھري هرچند ڀيل چيو ته ايسر ڀيل کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي. ايسر جي سالي بابو مل ٻڌايو ته اسان ڪورٽ ۾ 22 اي جي درخواست ڏني، جيڪا پوليس حدبندي جو جواز ڄاڻائي رد ڪرائي ڇڏي آھي، جيڪو ظلم آهي. اسان جي مدد ڪئي وڃي. ٻئي طرف ڊي ايس پي سنڌڙي عامر ڀٽي “سنڌ ايڪسپريس” سان فون تي رابطو ڪندي چيو ته ايسر ڀيل عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويو آھي، ھو صائمه نالي عورت سان ڳالھائيندي شادي جي آسري تي نڪتو، اسان سمورو رڪارڊ (سي ڊي آر ) ڪڍرائي ايسر ڀيل جي وارثن کي ٻڌايو آھي ۽ اعلى آفيسرن کي رپورٽ ڪئي آھي. ايس ايس پي گھوٽڪي کي ليٽر لکيا آھن ته ايسر ڀيل جي بازيابي لا اسان جي مدد ڪيو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته صائمه نالي ان ٽولي سان هڪ عورت گڏ آھي، جيڪا اسان جي نوجوانن کي ڦاسائي ٿي. ميرواهھ ۽ ڊگھڙي مان 2 نوجوان عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويا آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button