پاڪستانسنڌ

سامارو ۾ پاڻي کوٽ ۽ آبپاشي عملدارن خلاف آبادگارن جو مظاهرو

سامارو: مٺڙائو ڪئنال جي سامارو آبپاشي سب ڊويزن جي 65 ريگيوليٽر وٽان نڪرندڙ ڇتو مائينر جي مختلف واٽر ڪورسن جي ننڍن آبادگارن سلطان خاصخيلي، قربان ڀٽي، علي بخش خاصخيلي، سونو ميگهواڙ، يوسف آرائين، عامر پنجابي، محمد عمر ۽ فضل ڪريم خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ڇتو مائينر تي جمعي، ڇنڇر ۽ آچر تي آبادگارن جا پاڻي وارا مارڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان مين روڊ ميرپورخاص تي نٽھڻ اس ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ روڊ بلاڪ ڪري نعريبازي ڪئي. آبادگارن چيو ته اسان ڇتو مائينر تي جمعي، ڇنڇر ۽ آچر جي ڏينھن تي پاڻي وارن جا ننڍا ڪلاڪيا آبادگار آھيون. مٺڙائو ڪئنال جو انجنيئر، آبپاشي ايس ڊي او ۽ سندن عملو گذريل ڳچ عرصي کان مٺڙائو ڪئنال جي ڊائريڪٽ واٽر ڪورسن سميت مختلف شاخن جي بااثرن وڏن زميندارن کي سفارشن ۽ ڳرين رشوتن عيوض پائيپ، مشينون، روٽر، ونجھيون ۽ شاخن تي ڳنڍا ڏياري ڊبل پاڻي وارا ڏئي ظلم ڪري رهيا آهن، عملدارن اسان جا پاڻي وارا ماري اٺاويھون پاڻي اھو به گيج گھٽائي گھٽ ڏئي فصل، ڀاڄيون ۽ گاهه سڪائي ختم ڪري ڇڏيا آھن. ڇتو مائينر جي سمورن واٽر ڪورسن تي لاتعداد آباد ڳوٺن جي ڳوٺاڻن وٽ پيئڻ جي پاڻي جو ڦڙو به ناهي. ھنن اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته آبپاشي ايس ڊي او ۽ سندس عملي کي ھٽائي وارابندي ۾ منصفاڻي ورڇ ڪرائي اسان جون زمينون بنجر بنجڻ ۽ معاشي ڪنگالي کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button