پاڪستانسنڌ

ڪارونجهر جبل مان ڪمپنين جون ڪئمپون ختم ڪرڻ جو حڪم

ننگرپارڪر: ننگراپرڪر جي عدالت ڪارونجهر جبل مان ڪمپنين جون ڪئمپون ختم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ ڪرم علي شاهه جي عدالت ڪارونجهر جو پٿر ڪڍندڙ ڪمپنين جي نظرثاني درخواست رد ڪري ڇڏي. عدالت ضلعي انتظاميا کي ڪارونجهر جو پٿر ڪڍندڙ ڪمپنين جون ڪئمپون ختم ڪري مشينري ضبط ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. عدالت جاري ڪيل حڪم ۾ ڄاڻايو ته ايف ڊبليو او ۽ ڪوهه نور ماربل ڪمپنيون ٻيهر ڪارونجهر جبل جي کارسر ۽ چڻيندا جبل جو قيمتي پٿر ڪڍي کڻڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن. عدالت ايس ايس پي ٿرپارڪر، ايس ايڇ او ننگرپارڪر ۽ ايس ايڇ او ڏانوڌاندل کي ڪمپنين جون ڪئمپون ختم ڪري مشينري ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏيندي روزاني جي بنياد تي عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. واضع رهي ته ڪارونجهر جو پٿر ڪڍندڙ ڪمپنين ننگرپارڪر جي عدالت ۾ ڪارونجهر جا پٿر نه کڻڻ ۽ مشينري ضبط ڪرڻ واري فيصلي کي ايڊيشنل سيشن جج مٺي جي ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو. جنهن تي ايڊيشنل سيشن جج ننگرپارڪر جي عدالت کي حڪم ڏنو هو ته ڌرين کي ٻيهر ٻڌي فريش آرڊر جاري ڪيو وڃي، جنهن تي ننگرپارڪر جي سول ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت گذريل ڏينهن ٻيهر حڪم جاري ڪيو ته هيوي مشينري ذريعي ڪارونجهر جبل جي کارسر ۽ چڻيندا جبل ۾ پٿر ڪڍندڙ ڪمپنيون ڪارونجهر جو پٿر نه کڻن. هوڏانهن سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ ڪرم علي شاهه جي عدالت ۾ ساڳي ڏينهن تي مقامي رهواسي الجي ٺڪر ۽ ٻين جي درخواست تي عدالت ڇڪڙن ذريعي ڪارونجهر جبل جي خشڪ ندين ۾ لڙهي آيل پٿر، ريتي ۽ بجري کڻڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. درخواستگذار الجي ٺڪر ۽ ٻين پنهنجي درخواست ۾ ڄاڻايو ته اسان پٿر کوٽڻ واري مشينن بدران مزدورن ذريعي ندين ۾ لڙهي آيل پٿر ڇڪڙن ذريعي تعميراتي مٽيريل طور فراهم ڪندا آهيون، جيڪو اسان جي روزگار جو ذريعو آهي، جنهن تي پنج سئو کان ست سئو تائين مزدور مزدوري ڪري پنهنجي خاندان جو پيٽ پالين ٿا، انهن وٽ ڪمائي جو ٻيو ذريعو ناهي. ڪجهه ماڻهو چاهين ٿا ته اسان ڪارونجهر جبل جي حدن کي ڪٽي رهيا آهيون ۽ اهي سوشل ميڊيا جي مدد سان ڪوڙي معلومات پکيڙي رهيا آهن ۽ اسان جي ڪاروبار جي رستي تي پابنديون چاهين ٿا. عدالت طرفان پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ويو ته جوابدار گلزار علي ۽ ٻين جوابدارن کي سختي سان هدايت ڪجي ٿي ته درخواستگذارن کي ڪارونجهر جبل جي پٿر، بجري ۽ ريتي جي ڪاروبار ۾ مقامي تعميراتي مٽيريل جي فراهمي ۾ ڪا به رڪاوٽ پيدا نه ڪن. عدالت ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم کي معاملي جي انڪوائري جي هدايت ڪئي، معاملو عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، جيڪڏهن ڪو ملوث ثابت ٿئي ته قانون موجب ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. عدالت پوليس کي هدايت ڪئي ته هو عدالت جي هدايتن جي بغير ڪنهن رعايت جي عمل ڪن ۽ ملوث سمورن جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button