پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ بلدياتي اليڪشن جون سرگرميون، پ پ اميدوار جي گڏجاڻي

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ بلدياتي اليڪشن جون سرگرميون عروج تي پهتل، قاسم آباد جي علائقي ماروري ٽائون ۽ سمن آباد جي مين چوڪ تي يوسي 157 جي چيئرمين جي اميدوار ظاهر علي جوڻيجو ۽ سندس پينل جي مان ۾ هڪ پروقار گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. امتياز علي ڪلهوڙو، وقار ٻٻر، ذيشان سيال، نظير ڏيپر، علي مري ۽ ٻين آجياڻي ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي، ان موقعي تي چيئرمين جي اميدوار ظاهر علي جوڻيجو، الله ورايو ڳاهو، شهاب کوکر، وڏيرو محمد عارب ڳاهو، سعيد ميمڻ ۽ لطف علي جوڻيجو چيو ته يوسي 157 جي عوام ثابت ڪيو آهي ته هو پاڪستان پپلزپارٽي سان گڏ بيٺل آهي.

هنن چيو ته ڪاشف علي شورو جي قيادت ۾ هميشه پي پي ڪلين سوئيپ ڪندي آهي ۽ هن ڀيري به عوام جي موٽ ڏسي دلي خوشي ٿي آهي. گڏجاڻي ۾ محمد علي شيخ، محمد خان لغاري، شوڪت لانگاهه، نصير ٻٻر، شعيب پٺاڻ، بابل ڊومڪي، شهباز جهتيال، پنهل انصاري، اشرف چنا، شيراز ڪلهوڙو، سڪندر انصاري، بلاول انصاري، ساقب سومرو، غلام مرتضى کوکر سميت علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button