پاڪستانسنڌ

گولاڙچي جي سورهڏي جي شاخ جي آبادگارن جو احتجاجي مظاهرو

گولاڙچي: گولاڙچي جي سورهڏي جي شاخ جي آبادگارن جاکرو نوحاڻي، مير محمد جتوئي، ملڪ ظفر ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو آهي ته سورهڏي شاخ 1960 ۾ ڊزائن ڪري زمين جي ليول سان برابر ڪري ٺاهي وئي هئي، جنهن سبب شاخ مان نڪرندڙ 7 واٽرن کي پاڻي آساني سان ملندو هو پر هن وقت جڏهن شاخ جي کوٽائي ڪري انهن دڪن کي ڊاهي پڪي شاخ ڪيو پيو وڃي پر انهي شاخ کي 1960 واري طرز سان نه ٺاهيو پيو وڃي، جنهن سبب منڍ جي آبادگارن کي خدشو آهي ته پاڻي جي وڌيڪ کوٽ پيدا ٿي ويندي. هنن گهر ڪئي ته شاخ جو جائزو وٺي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ 2200 ايڪڙ زمين کي تباھه ٿيڻ کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button