پاڪستانسنڌ

بدين ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ ڪراچي جي جوڙي جو تحفظ لا احتجاج

بدين: ڪراچي جي ايوب ڳوٺ ٿاڻي جي حد نيوڪراچي علائقي جي ڇوڪري اريبا عزيز قريشي پنهنجي پاڙيسري نوجوان لوڌران واسي نوجوان محمد ابرار آرائين سان بدين ۾ پسند جي شادي ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته هو ڪافي وقت کان هڪٻئي کي چاهيندا هئا پر مائٽن شادي ڪرائڻ کان انڪار ڪيو، جنهن سبب هنن گهران نڪري پنهنجي مرضي موجب شادي ڪئي آهي، ڇوڪري اريبا قريشي موجب پسند جي شادي ڪرڻ بعد اسان جا مائٽ جان جا دشمن ٿي ويا آهن، اسان کي ڪارنهن جي الزام ۾ قتل ڪرڻ چاهين ٿا، جنهن سبب پنهنجا گهر ڇڏي لڪ ڇپ ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button