پاڪستانسنڌ

جاتي-ڇڇ جھان خان کي ڳنڍيندڙ پل جي تعمير نه ٿيڻ خلاف مظاهرو

جاتي: جاتي-ڇڇ جھان خان کي ڳنڍيندڙ ٽنگو نالي جي زبون حال پل جي تعمير نه ٿيڻ خلاف علائقي واسين حاجي مولابخش ٿھيم، سڪندر ٿھيم، ابراھيم ٿھيم، منظور لغاري، عاجز علي، محمد ٿھيم ۽ ٻين صحافين آڏو احتجاج ڪندي چيو ته جاتي ڇڇ جھان خان کي ڳنڍيندڙ زبون حال پل جو اڌ حصو اوچتو ڌماڪي سان ڪري پيو آھي.

ھنن چيو ته خطرناڪ بڻيل پل جي اڌ حصي تان ننڍيون وڏيون گاڏيون لنگھڻ ڪري ڪنھن به وقت وڏو جاني نقصان ٿي سگھي ٿو، هنن مطالبو ڪيو آھي ته ٽنگو نالي جي ٽٽل پل جو فوري نوٽيس وٺي پل نئين تعمير ڪرائي ڏني وڃي، جيئن عوام کي بنيادي سھولت فراھم ٿي سگھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button