پاڪستانسنڌ

سنڌ حڪومت 18 ھين ترميم کي ڪرپشن جو ھٿيار بنائي ڇڏيو آھي: اياز لطيف

ٽنڊو غلام علي: ٽنڊو غلام علي ۾ سنڌي ھاري تحريڪ جي “زراعت بچايو سنڌ بچايو” ڪانفرنس ٿي گذري، جلسي ۾ ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، ھاري تحريڪ جو صدر انور نوحاڻي، نثار ڀرڳڙي، سانول گوپانگ، ساٿي مصطفى نظاماڻي، شوڪت نوحاڻي، گيانچند مھيشوري، بچل احمداڻي، رشيد گوپانگ صفير نظاماڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جڏهن ته جلسي کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو ته ملڪي سياست کي باوقار، جمهوري ۽ پرامن رکڻو پوندو، پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ رڪارڊ واڌ کي رد ڪريون ٿا، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ڏڪار جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. گذريل پنجن سالن ۾ کاڌ خوراڪ ۽ ٽرانسپورٽ جا خرچ ناقابل برداشت بڻجي چڪا آهن، غيريقيني واري صورتحال ۾ رکي ملڪ کي نقصان پهچايو پيو وڃي، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ عوام تي وڏو ظلم آهي، اياز لطيف پليجي چيو ته ملڪ جي معاشي پاليسي خودمختيار نه هئڻ جي ڪري حالتون خراب ٿي رهيون آهن، سنڌ ۾ صحت، زراعت، تعليم ۽ گورننس تباهه ٿي چڪا آهن، اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ حڪومت مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ مخالف ڌر جي اميدوارن جا فارم رد ڪرائي رھي آهي، آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي حڪم تي ملڪ کي تباھه نه ڪيو وڃي، آر ايس ايس انتهاپسندي ڀارت ۽ والاريل ڪشمير ۾ تشدد جي ذميوار آهي. يوريا، کنڊ ۽ ڪڻڪ مافيا هارين کي تباھه ڪري ڇڏيو آهي، پيٽرول بدين مان نڪرندو آهي ۽ بدين سنڌ ۾ سڀ کان غريب ضلعو آهي، بدين ۽ ٿر انتهائي غربت ۽ بي روزگاري جي لپيٽ ۾ آهن، پاڪستان جا ظالم سردار ۽ ڪرپٽ وڏيرا عوام جا دشمن آهن، اسلام آباد ۾ جيڪو ڪجھه ٿيو اھو نه ٿيڻ گهرجي ها.

اياز لطيف پليجي چيو ته چئني صوبن جون زمينون ۽ وسيلا انهن صوبن جي ماڻهن جا آهن، عورتن ۽ اقليتن سان زيادتين جي خلاف پارليامينٽ ۽ عدليه پنهنجو ڪردار ادا ڪن، بدين، سجاول، ٽنڊي محمد خان ۽ عمرڪوٽ کي فوري پاڻي ڏنو وڃي، موجوده ۽ اڳوڻا حڪمران ٻڌائين ته ڪرپشن ۽ دهشتگردي خلاف ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي، اسان کي ڪنھن ٻئي جو يا نئون نه جناح وارو انسان دوست پاڪستان گهرجي. اياز لطيف پليجي چيو ته حڪمرانن سنڌ جي ھارين ۽ آبادگارن کي بدحال ڪري ڇڏيو آھي. سنڌ حڪومت 18 ھين ترميم کي ڪرپشن جو ھٿيار بنائي ڇڏيو آھي، ارسا سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي جو سھولتڪار ادارو بنجي ويو آھي، ڪڏھن فصلن جا اگھه ڪيرائي، ڀاڻ گم ڪرائي، ڪڏھن نقلي ٻج ۽ نقلي دوائن ذريعي ۽ ڪڏھن پاڻي کوٽ ذريعي سنڌ جي زرعي معيشت کي برباد ڪري غربت ۽ بدحالي کي وڌايو وڃي ٿو. حڪمرانن وڏيرن جون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ هارين کي تباھه ڪيو آهي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۾ باقي صوبن جي ڀيٽ ۾ صورتحال وڌيڪ خراب آھي، اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ جي ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪري انھن کي جيل موڪليو وڃي. ھارين جي ٻارن کي تعليم کان محروم رکڻ لاءِ ٻھراڙين جا اسڪول بند ڪيا ويا آھن. هن چيو ته سنڌ ۾ ٻٽو مڪاني ادارن وارو نظام برداشت نه ڪنداسين. پاڪستان جو عوام مرڪزيت، ڪرپشن ۽ انتهاپسندي جي ڪري عدم تحفظ جو شڪار آهي. سنڌي ھاري تحريڪ جي صدر انور نوحاڻي، نثار ڀرڳڙي، سانول گوپانگ، بچل احمداڻي، ساٿي مصطفى نظاماڻي، شوڪت نوحاڻي، گيانچند مھيشوري، صفير نظاماڻي، رشيد گوپانگ ۽ ٻين خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button