پاڪستانپنجاب

سرڪاري گاڏي ۾ به پنهنجي کيسي مان ئي پيٽرول وجهرائيندو آهيان:وزيراعظم

لاهور : وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آئون سرڪاري گاڏيءَ ۾ به پنهنجي کيسي مان ئي پيٽرول وجهرائيندو آهيان. مهانگائي آسمان سان ڳالهيون ڪري رهي آهي ۽ بيروزگاري آهي. پيٽرول بابت اسان دل تي پٿر رکي فيصلو ڪيو. ڪالهه وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ سندس پٽ حمزا شهباز مني لانڊرنگ ڪيس جي خاص عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن جي شنوائي جج اعجاز اعواڻ ڪئي. لاهور جي عدالت ۾ پيشي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عوام مهانگائي ۾ پيڙهيل آهي ۽ غريب ڪٽنب روئي رهيا آهن، وٽن دوائن ۽ علاج جا پيسا ڪونهي. هن چيو ته غريب هڪ وقت جي ويلي لاءِ پريشان آهي، اسان ماهوار 28 ارب رپيا قومي ناڻي مان خرچ ڪري پاڪستان جي پيڙهيل ڪروڙين ماڻهن لاءِ سبسڊي ڏني آهي. هن چيو آهي ته مان مجنون ماڻهو آهيان، پگهار ۽ مراعات جو قانوني حق ناهي کنيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button