پاڪستانخيبرپختونخوا

ادارا تماشو ڏسن پيا،ملڪ بچائڻ جو ٺيڪو رڳو اسان ناهي کنيو:عمران خان

پشاور : پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان لانگ مارچ روڪڻ خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ملڪ بچائن جو ٺيڪو رڳو اسان ناهي کنيو، ادارن جي ذميواري آهي ته ملڪ کي بچائين. ادارا تماشو ڏسي رهيا آهن، هڪ پاڪستاني هجڻ جي ناطي ادارن کي چوڻ چاهيان ٿو ته ملڪ تباهي ڏانهن وڃي رهيو آهي. ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، آئون جنگ نٿو چاهيان. پي ٽي وي حملو ڪيس ڪوڙو آهي. سپريم ڪورٽ کان تحفظ چاهيان ٿو. ڪالهه پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سومر تي سپريم ڪورٽ ۾ هڪ پٽيشن داخل ڪرڻ وارو آهيان، جنهن ۾ پڇيو ويندو ته سپريم ڪورٽ واضح طور تي ٻڌائي پرامن احتجاج پاڪستان جي شهرين جو حق آهي يا نه؟ عمران خان چيو ته سپريم ڪورٽ طرفان اسان کي مارچ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ باوجود حڪومت اسان جي لانگ مارچ کي روڪيو، اها توهين عدالت آهي جنهن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪندس. هن چيو ته لانگ مارچ ۾ جيڪو ڪجهه اسان سان ٿيو، ان لاءِ اسان تيار نه هئاسين. حڪومت اسان جي پرامن احتجاجن تي ڪڙو چاڙهي، لٺين جي برسات ڪئي، گهرن تي شيلنگ ڪئي. گهرن تي چڙهائي ڪئي ۽ حڪومت خلاف هر فورم تي آواز اٿارينداسين. سومر تي سپريم ڪورٽ کان پڇنداسين ته ڇا لانگ مارچ ۾ ٻيو رائونڊ اپ ٿيندو؟ سپريم ڪورٽ رٽ ٻڌائي هي ته ملڪ کي ٻيهر بند ڪندا؟ مان ادب سان چوڻ چاهيان ٿو ته اهو به عدليا جو امتحان آهي. هي پهرين مرحلي ۾ اليڪشن جو اعلان ڪن. عمران خان چيو ته اسان جي پارٽي ۾ ڪو به انتهاپسند ونگ ناهي، اهي ماڻهو هاڻي اسان تي ڪيس ٺاهيندا. مان هن ڀيري پوري تياري سان ايندس، ڇهن ڏينهن کان پوءِ اعلان ڪندس ته اسلام آباد مارچ ڪڏهن روانو ٿيندو. عمران خان چيو ته جان قربان ڪندس پر هن حڪومت کي قبول نه ڪندس. سڀني کي مارچ جي تياري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هاڻي اسان پوري تياري سان اسلام آباد اينداسين. هن الزام لڳايو ته اسلام آباد ۾ وڻن کي باهه پوليس وارن ۽ ن ليگ وارن ڏني. پرامن احتجاج تي شيلنگ جو معاملو عدالتن ۽ انساني حقن جي تنظيمن سان کڻندس. هن نيب ترميمي بل ۽ اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ۽ چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جهڙي بنيادي حق کان محروم رکڻ ناانصافي هوندي، پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لا نيب رولز ۾ ترميم ڪئي وڃي. هن چيو ته پرامن لانگ مارچ دوران تشدد ڪرڻ تي آءِ جي اسلام آباد، سي سي پي او، ڊي آءِ جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائينداسين، پوليس اهلڪارن طرفان ڪيل تشدد جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪيون وڃن ته جيئن عوام کي خبر پوي. سپريم ڪورٽ کان پڇا ڳاڇا ڪنداسين ته ڇا ملڪ ۾ پرامن احتجاج جمهوري پارٽي جو حق آهي يا نه؟ اڄ اسان جي پارٽي ۾ ڪاوڙ آهي، ان ڪاوڙ کي ڏسندي مون واپس وڃڻ جو فيصلو ڪيو، مون کي يقين هو ته اسلام آباد ۾ خون وهايو وڃي ها، گوليون هلايون وڃن ها، ادارن ۽ رينجرز خلاف نفرت وڌي ها. هن الزام لڳايو ته اسان جي عدالتي نظام هميشه شريف خاندان کي بچايو، حديبيا پيپر ملز ڪيس کي ڏسو، شهباز شريف عدالت کي ٻڌايو هو ته نواز شريف واپس ايندو، هو هميشه عدالتن مان ڀڄي ويندا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button