پاڪستانپنجاب

سپريم ڪورٽ کي چوان ٿي عمران جي سياست کان پري رهي: مريم نواز

بهاولپور: پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي ٻاهران نه اندران خطرو آهي. مريم نواز جو بهاولپور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته عمران خان پاڪستان کي مهانگائي کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو. هن پاڪستان کي آءِ ايم ايف وٽ گروي رکڻ کانسواءِ قوم کي ڪجهه ناهي ڏنو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي ڪنهن دشمن کان نه فتني ۽ فساد مان خطرو آهي جنهن جو نالو عمران خان آهي.
هن چيو ته هي ناڪامي کانپوءِ چوي ٿو ته منهنجو لانگ مارچ ان لاءِناڪام ٿيو جو تياري نه ڪئي هئي، سندس ٻيو لانگ مارچ به خراب نموني ناڪام ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته هي پهريان ادارن کي سياست ۾ ڌڪي ٿو پوءِ وري ادارن کي گهٽ وڌ ڳالهائي ٿو. ڇا عدالتن جو اهو ڪم رهجي ويو آهي ته جتي عمران ناڪام ٿئي اتي هو مدد لاءِ اچن؟ مريم نواز وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ کي ادب سان چوان ٿي ته هن جي سياست کان پري رهن. هن چيو ته هو نواز شريف، پاڪ فوج، پاڪستان جي سائنسدانن، ائٽمي انرجي ڪميشن، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ انهن سمورن ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي جن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته جنهن ليڊر 5 ارب ڊالرن جي امداد رد ڪري پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻايو اهو نواز شريف آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button