اسلام آبادپاڪستان

آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول جو معاهدو جون ۾ ٿيندو،چين به مدد ڪندو:ناڻي وزير

اسلام آباد :ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جو چوڻ آهي ته عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) سان اسٽاف ليول جو معاهدو جون ۾ ٿي ويندو. سعودي عرب به اسان جي مدد ڪندو. هن چين جي حوالي سان به ايندڙ هفتي سٺي خبر ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته پيٽروليم شين جون قيمتن خوشي سان ناهن وڌايون پر اها اسان جي مجبوري هئي. جيڪڏهن اسان اهو ڪم نه ڪريو ها ته پاڪستان ڊفالٽ ڪري وڃي ها. جون ۾ آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول تي معاهدو ٿي ويندو، بورڊ جي اجلاس بعد پئسا ملندا.
هڪ سوال جي جواب ۾ مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته هاڻي پيٽرول جي قيمت وڌي آهي، ان لاءِ مون کي نٿو لڳي ته ايندڙ مهيني جي شروعات تي ٻيهر پيٽرول جي قيمت وڌندي، پر سچي ڳالهه آهي ته پيٽروليم شين جي قيمت وڌائڻ جي حوالي سان مون کي خبر ناهي. بجلي جي قيمتون وڌائڻ بابت سوال تي ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته في الحال بجلي جي قيمت وڌائڻ جي ڪا سمري اسان وٽ ناهي آئي. سرڪاري ادارن جي نجڪاري بابت سوال تي مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته دوحا ۾ آءِ ايم ايف سان نجڪاري بابت ڪا ڳالهه ناهي ٿي پر نجڪاري ان لاءِ نٿا ڪرڻ چاهيون ته هي آءِ ايم ايف جو مطالبو آهي پر ان لاءِ ڪرڻ چاهيون ٿا ته ڊسڪوز کي حڪومت جي ماتحت نه هجڻ گھرجي. مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف کي 5 ارب ڊالر جو چيو آهي، اميد آهي ته چار ارب ڊالرز ٿي ويندا. آءِ ايم ايف کان 3 بلين ڊالرز ايندا، اسان انهن کي چيو آهي ته پروگرام جي واڌ ڪريو ۽ ان ۾ 2 بلين ڊالر وڌيڪ وجهو. ناڻي واري وزير ٻڌايو ته هن مالي سال ۾ هڪ بلين کان وڌيڪ ورلڊ بينڪ کان ملي ويندا، ايشيا انفرا اسٽريڪچر بينڪ کان به پئسا ملندا. اسان گذريل حڪومت طرفان آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدي سان هلي رهيا آهيون، جيڪڏهن ايندڙ چونڊن ۾ اسان کي مينڊيٽ مليو ته شايد آءِ ايم ايف وٽ نئين معاهدي سان وڃون. هڪ سوال جي جواب ۾ مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته فورسز جي بجيٽ 1340 ارب رپيا آهن، ان ۾ فورسز کي ملندڙ گرانٽ به شامل ڪريون ته اها بجيٽ 1400 ارب رپيا ٿئي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته فورسز جي بجيٽ جي ڊي پي جي ٻه سيڪڙو کان به گهٽ آهي. هن چيو ته حڪومت غريب عورتن کي وظيفو ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، گهر جي سربراهه عورت جي مالي مدد ڪئي ويندي. مفتاح اسماعيل چيو ته 40 هزار کان گهٽ آمدني وارن کي ماهوار 2 هزار رُپيا وظيفو ملندو، گهر جي سربراهه عورت کي سڃاڻپ ڪارڊ ذريعي رجسٽر ڪرڻ بعد وظيفو ڏنو ويندو. جون مهيني کان وظيفو ڏيڻ شروع ڪنداسين، وزيراعظم جي رليف پئڪيج مان 8 ڪروڙ 40 لک غريب ترين ماڻهو فائدو وٺي سگهندا. هن چيو ته بي آءِ ايس پي ۾ شامل ماڻهن جو به وظيفو وڌايو ويندو. يوٽيلٽي اسٽورز تي 40 رُپيا في ڪلو اٽو وڪرو ڪيو ويندو، کنڊ به 70 رُپيا في ڪلو مهيا ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button