اسلام آبادپاڪستان

عمران خان،شاهه محمود قريشي،اسد عمر خلاف اسلام آباد ۾ 16 ڪيس داخل

اسلام آباد :تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان، وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ۽ جنرل سيڪريٽري اسد عمر سميت پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف اسلام آباد ۾ 16 ڪيس داخل ڪيا ويا. وفاقي راڄڌاني جي ٿاڻي ڪراچي ڪمپني ۾ داخل ڪيس ۾ شاهه محمود قريشي، شيرين مزاري، زرتاج گل، علي امين گنڊاپور ۽ خرم نواز جو نالا به شامل آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف داخل ڪيس ۾ رستن جي بندش، سرڪاري ڪمن ۾ مداخلت، پوليس تي حملا ۽ ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪيس ٿاڻي آبپارا، ٿاڻي ترنول، ڪوهسار، بهارا ڪهو، رمنا، سيڪريٽريٽ ۽ ٿاڻي لوهي ڀير ۾ داخل ڪيا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button